پاڪستان ۽ فلسطين جا ناتا مذهبي، تاريخي ۽ ڀائراڻن بنيادن تي قائم آهن: سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ۽ فلسطين جا ناتا مذهبي، تاريخي ۽ ڀائراڻن بنيادن تي قائم آهن. هن اها ڳالهه فلسطين جي سفير ڊاڪٽر زهير محمد حمد لله زيد سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن ناتن، علائقائي صورتحال، جنگبندي کانپوءِ امن جي ڪوششن ۽ جاري انساني امدادي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ …

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ۽ فلسطين جا ناتا مذهبي، تاريخي ۽ ڀائراڻن بنيادن تي قائم آهن. هن اها ڳالهه فلسطين جي سفير ڊاڪٽر زهير محمد حمد لله زيد سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن ناتن، علائقائي صورتحال، جنگبندي کانپوءِ امن جي ڪوششن ۽ جاري انساني امدادي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين فلسطين جي سفير جي آجيان ڪئي ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جو عوام ۽ پارليامينٽ فلسطين جي عوام سان مڪمل يڪجهتي ڪن ٿا ۽ اسرائيلي اڳرائي، سنگين انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ بيگناهه شهرين جي قتلِ عام جي شديد مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته مان وزيراعظم طور هميشه فلسطيني عوام جي خوداراديت واري حق جي ڀرپور حمايت ڪئي هئي ۽ هر عالمي فورم تي اسرائيلي ڏاڍ خلاف آواز اُٿاريو. سينيٽ چيئرمين فلسطيني عوام جي جرئت ۽ استقامت کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته هنن پنهنجي بي مثال بهادري ۽ قربانين سان تاريخ ۾ هڪ نئون باب لکيو آهي. هن چيو ته تازي جنگبندي فلسطيني عوام لاءِ اميد جو نئون ڪِرڻو آهي ۽ پاڪستان ان اڳڀرائيءَ کي خطي ۾ جٽادار امن طرف هڪ اهم قدم سمجهي ٿو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان هميشه عالمي امن کي هٿي وٺرائڻ ۾ تعميري ڪرداري ادا ڪندو رهيو آهي ۽ هو سمجهي ٿو ته وچ اوڀر ۾ جٽادار امن جو دارومدار فلسطين مسئلي جي منصفاڻي حل ۾ آهي. هن هڪ آزاد، خودمختيار، عمل جوڳي ۽ جاگرافيائي طور تي مسلسل فلسطيني رياست جي قيام لاءِ پاڪستان جي پُختي حمايت جو ورجاءُ ڪيو، جنهن جو گاديءَ وارو هنڌ القدس الشريف هجي. جيئن گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن ۾ طئي ڪيو ويو هو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن، او آءِ سي، بين الاقوامي پارلياماني يونين ۽ نان الائنڊ موومينٽ ۾ هميشه فلسطين جي حق ۾ مضبوط آواز اُٿاريو آهي. فلسطيني سفير غزه جي عوام لاءِ پاڪستان جي امدادي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ٻُڌايو ته پاڪستاني يونيورسٽيون فلسطيني شاگردن کي اعليٰ تعليم جا موقعا فراهم ڪري رهيون آهن. سينيٽ چيئرمين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته وچ اوڀر ۾ جٽادار امن فلسطيني عوام جي خوداراديت واري حق سان جڙيل آهي. هن مسلم ملڪن تي زور ڀريو ته هو اتحاد جو مظاهرو ڪندي فلسطين لاءِ گڏيل آواز بلند ڪن. سينيٽ چيئرمين ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان پنهنجن فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺل رهندو ۽ سندن جائز مقصد کي حاصل ڪرڻ تائين سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي ۽ انساني امداد جاري رکندو.

مزید خبریں