اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪ- افغان سرحد تي افغان طالبان طرفان پاڪستاني حدن تي ڪيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. افغان فورسز طرفان شهري آباديءَ کي نشانو بڻائڻ افسوس ۽ عالمي اصولن جي سراسر ڀڃڪڙي آهي. ڪالهه سينيٽ سيڪريريٽ موجب سينيٽ چيئرمين پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائيءَ کي ساراهيندي چيو ته آهي ته …
سيد يوسف رضا گيلاني پاران پاڪ- افغان سرحد تي افغان طالبان جي پاڪستاني حدن تي ڪيل حملي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪ- افغان سرحد تي افغان طالبان طرفان پاڪستاني حدن تي ڪيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. افغان فورسز طرفان شهري آباديءَ کي نشانو بڻائڻ افسوس ۽ عالمي اصولن جي سراسر ڀڃڪڙي آهي. ڪالهه سينيٽ سيڪريريٽ موجب سينيٽ چيئرمين پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائيءَ کي ساراهيندي چيو ته آهي ته پاڪ فوج پيشيوراڻي مهارت، عزم ۽ بهادريءَ سان دشمن جي ناپاڪ عزمن کي ناڪم بڻايو. هن چيو ته پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سلامتي ۽ قومي وقار تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو، پاڪ فوج هڪ ڀيرو وري قوم جي اُميدن تي پورو لهندي قومي غيرت ۽ شجاعت جو نئون مثال قائم ڪيو آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پارليامينٽ ۽ پوري قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ وطنِ عزيز جي دفاع لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن زور ڀريندي چيو ته افغانستان طرفان ڪنهن به قسم جي اڳرائي خطي جي امن لاءِ خطرو آهي، پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر پنهنجي دفاعي سرحدن جي هر قيمت تي تحفظ ڪندو. سينيٽ چيئرمين افغان طالبان طرفان ڪيل بي بنياد دعوائن ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا کي رد ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج مادرِ وطن جي دفاع لاءِ هر لمحي تيار آهي.











