وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري جي شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد جي گهر آمد

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري راولپنڊيءَ ۾ شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد جي گهر پهچي سندس گهر وارن ۽ ٻارن سان ملاقات ئي ۽ گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران فاتحه خواني به ڪئي وئي ۽ شهيد جي درجن جي بلنديءَ لاءِ دُعا ڪئي وئي. گهرو وزير شهيد جي والده ۽ پونئيرن جي حوصلي …

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري راولپنڊيءَ ۾ شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد جي گهر پهچي سندس گهر وارن ۽ ٻارن سان ملاقات ئي ۽ گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران فاتحه خواني به ڪئي وئي ۽ شهيد جي درجن جي بلنديءَ لاءِ دُعا ڪئي وئي. گهرو وزير شهيد جي والده ۽ پونئيرن جي حوصلي کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته اوهان جهڙين باهمٿ مائرن جو حوصلو ڏسي اسان جو حوصلو اڃا وڌي ويو آهي، شهيد قوم جو فخر آهي ۽ سندن قربانيون ئي وطن جي تحفظ جي ضمانت آهن. مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته شهيد قوم جو سرمايو آهن، قوم پنهنجي هيروز جي قربانين کي ڪڏهن به وِساري نه سگهندي. شهيد جي امڙ پنهنجي پُٽ جي شهادت کي وڏي سعادت قرار ڏيندي چيو ته سندس پُٽ ملڪ جو جهنڊو بلند ڪيو ۽ سندس ٻئي پوٽا خدمتن لاءِ پاڪ فوج ۾ شامل ٿيندا. محسن نقوي ۽ طلال چوڌري سوڳوار خاندان لاءِ صبر ۽ استقامت جي دُعا ڪئي ۽ قوم کي اپيل ڪئي ته شهيدن جي خاندانن جو هر ممڪن خيال رکيو وڃيو. واضح رهي ته شهيد ڪجهه ڏينهن اورڪزئي ۾ ملڪي سلامتي لاءِ وڙهندي شهادت ماڻي.

مزید خبریں