اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو وزير محسن نقوي مهمند ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪاميابي فوجي آپريشن جي تعريف ڪندي پاڪ فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي جنهن ۾ اٽڪل 30 خوارجي مارجي ويا. محسن نقوي چيو ته 30 خوارجين کي مارڻ تي پاڪ فوج کي سلام پيش ڪيان ٿو، اسان جي آفيسرن ۽ جوانن جي بهادري ۽ پروفيشنل ازم تي اسان کي فخر آهي. هن وڌيڪ چيو …
گهرو وزير محسن نقوي پاران مهمند آپريشن تي پاڪ فوج کي خراجِ تحسين

مزید خبریں
اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو وزير محسن نقوي مهمند ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪاميابي فوجي آپريشن جي تعريف ڪندي پاڪ فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي جنهن ۾ اٽڪل 30 خوارجي مارجي ويا. محسن نقوي چيو ته 30 خوارجين کي مارڻ تي پاڪ فوج کي سلام پيش ڪيان ٿو، اسان جي آفيسرن ۽ جوانن جي بهادري ۽ پروفيشنل ازم تي اسان کي فخر آهي. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ۽ فتنو ڦهلائڻ وارين ڌُرين جو هر جاءِ تي پيڇو ڪيو ويندو ته جيئن هو ڪٿي به محفوظ پناهه حاصل نه ڪري سگهن. گهرو وزير عوام کي خاطري ڪرائي ته سيڪيورٽي ادارا قوم جي تحفظ لاءِ مربوط ۽ فيصلائتيون ڪارروايون جاري رکندا ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي تائين آپريشن ڊگهي عرصي تائين جاري رهندو. هن شهيدن جي ڏُک کي قوم جو ڏک قرار ڏنو ۽ پونئيرن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو.











