پاڪ فوج طرفان افغان طالبان خلاف مختلف سيڪٽرز تي ڀرپور جوابي ڪارروائيون جاري

راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج افغان جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندي زوب ۽ چمن سيڪٽر ۾ ڪيتريون ئي پوسٽون ۽ خوارجين جون پناهگاهون مڪمل تباهه ڪري ڇڏيون آهن. سيڪيورٽي ذريعن مطابق پاڪ فوج طرفان افغان طالبان خلاف مختلف سيڪٽرز تي ڀرپور جوابي ڪارروائيون جاري آهن. پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائين ۾ ڳرن توپ خانن جو به استعمال ڪيو پيو وڃي، ڳرن توپ خانن جي گوله باري سان …

راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج افغان جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندي زوب ۽ چمن سيڪٽر ۾ ڪيتريون ئي پوسٽون ۽ خوارجين جون پناهگاهون مڪمل تباهه ڪري ڇڏيون آهن. سيڪيورٽي ذريعن مطابق پاڪ فوج طرفان افغان طالبان خلاف مختلف سيڪٽرز تي ڀرپور جوابي ڪارروائيون جاري آهن. پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائين ۾ ڳرن توپ خانن جو به استعمال ڪيو پيو وڃي، ڳرن توپ خانن جي گوله باري سان افغان طالبان جون ڪيتريون ئي پوسٽون ۽ خوارجين جون پناهگاهون تباهه ڪيون ويون آهن. پاڪ فوج جي ڪارروائين دوران ڪيترائي افغان طالبان زخمي ۽ جهنم ڀيڙا ٿي چڪا آهن. پاڪ فوج افغان طالبان جي چوڪين کي مارٽر فائر سان شدي نشانو بنايو جنهن سان ڪيتريون ئي پوزيشنون تباهه ٿي ويون. پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي سان افغان طالبان کي وڏو جاني ۽ مالي نقصان پهتو آهي. مارٽر فائر کانپوءِ علائقي مان دونهون ۽ ڌماڪن جو آواز دير تائين ٻڌڻ ۾ آيا. پاڪ فوج ڪنهن به پرڏيهي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي.

مزید خبریں