راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي اسپن بولدڪ چمن سيڪٽر ۾ ڀرپور جوابي ڪارروائي کانپوءِ افغان طالبان جنگ بندي جي درخواست ڪري ڇڏي آهي. سيڪيورٽي ذريعن مطابق پاڪ فوج طرفان افغان طالبان جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو پيو وڃي، افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي هدفن کي نشانو بنايو پيو وڃي، پاڪ فوج طرفان ڪيترين ئي افغان پوسٽن، ٽينڪن ۽ عملي کي نشانو بنايو ويو. شڪست …
پاڪ فوج جي اسپن بولدڪ چمن سيڪٽر ۾ ڀرپور جوابي ڪارروائي، افغان طالبان جي جنگ بندي جي درخواست

مزید خبریں
راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي اسپن بولدڪ چمن سيڪٽر ۾ ڀرپور جوابي ڪارروائي کانپوءِ افغان طالبان جنگ بندي جي درخواست ڪري ڇڏي آهي. سيڪيورٽي ذريعن مطابق پاڪ فوج طرفان افغان طالبان جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو پيو وڃي، افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي هدفن کي نشانو بنايو پيو وڃي، پاڪ فوج طرفان ڪيترين ئي افغان پوسٽن، ٽينڪن ۽ عملي کي نشانو بنايو ويو. شڪست کاڌل افغان طالبان سوشل ميڊيا تي پاڪ فوج جي جنگي هٿيارن کي قبضي ۾ وٺڻ جون هٿ ٺوڪيون وڊيوز جاري ڪيون، سوشل ميڊيا تي افغان طالبان طرفان ڦهلايل ڪوڙين خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي. پاڪ فوج، افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، جارحيت جو جواب شديد ۽ اميد کان وڌيڪ ڏنو ويندو.











