پاڪ فوج پاران افغان طالبان جي اڳرائيءَ خلاف چمن سيڪٽر ۾ اثرائتي جوابي ڪارروائي، ڪيترائي افغان طالبان مارجي ويا

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج پاران افغان طالبان جي اڳرائيءَ خلاف چمن سيڪٽر ۾ اثرائتي جوابي ڪارروائي، ڪيترائي افغان طالبان مارجي ويا. سيڪيورٽي ذريعن موجب اسپن بولدڪ چمن سيڪٽر ۾ پاڪ فوج مارٽر ۽ ٽئنڪن ذريعي افغان طالبان خلاف وڏي ڪارروائي ڪئي. پاڪ فوج طرفان ٽينڪ آپريشن دوران افغان طالبان جي پوسٽن کي ڪاميابيءَ سان نشانو بڻايو ويو. اثرائتي ڪارروائيءَ جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي پوسٽون تباهه …

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج پاران افغان طالبان جي اڳرائيءَ خلاف چمن سيڪٽر ۾ اثرائتي جوابي ڪارروائي، ڪيترائي افغان طالبان مارجي ويا. سيڪيورٽي ذريعن موجب اسپن بولدڪ چمن سيڪٽر ۾ پاڪ فوج مارٽر ۽ ٽئنڪن ذريعي افغان طالبان خلاف وڏي ڪارروائي ڪئي. پاڪ فوج طرفان ٽينڪ آپريشن دوران افغان طالبان جي پوسٽن کي ڪاميابيءَ سان نشانو بڻايو ويو. اثرائتي ڪارروائيءَ جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي پوسٽون تباهه جڏهن ته ڪيترائي افغان طالبان زخمي ۽ مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن. پاڪ فوج ڪنهن به پرڏيهي اڳرائيءَ جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهي.

مزید خبریں