گيس ڪمپنين جي آڪٽوبر لاءِ آر ايل اين جي، جي قيمتن جو تعين، معمولي واڌ

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) وفاقي حڪومت جي پاليسي گائيڊ لائنز موجب گيس ڪمپنين جي آڪٽوبر لاءِ 2005ع ري گيسيفائيڊ ليڪوئڊ نيچرل گيس (آر ايل اين جي) جي قيمتن جو تعين ڪري معمولي واڌ ڪري ڇڏي آهي جيڪا پهرين آڪٽوبر کان لاڳو هوندي. ڪالهه اوگرا طرفان جاري نوٽيفڪيشن مطابق سوئي ناردرن گيس پائپ لائن لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) جي صارفين لاءِ …

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) وفاقي حڪومت جي پاليسي گائيڊ لائنز موجب گيس ڪمپنين جي آڪٽوبر لاءِ 2005ع ري گيسيفائيڊ ليڪوئڊ نيچرل گيس (آر ايل اين جي) جي قيمتن جو تعين ڪري معمولي واڌ ڪري ڇڏي آهي جيڪا پهرين آڪٽوبر کان لاڳو هوندي. ڪالهه اوگرا طرفان جاري نوٽيفڪيشن مطابق سوئي ناردرن گيس پائپ لائن لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) جي صارفين لاءِ قيمتن ۾ گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ آر ايل اين جي، جي قيمت ۾ 1.81 سيڪڙو يا 0.2173 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو جي واڌ ڪئي وئي آهي جڏهن ته ايس ايس جي سي ايل، جي صارفين لاءِ قيمتن ۾ سيپٽمبر جي ڀيٽ ۾ 0.2198 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو يا 2 سيڪڙو جي واڌ ڪئي وئي آهي. ترجمان موجب آر ايل اين جي جي قيمتن ۾ واڌ عالمي مارڪيٽ ۾ آمدني واپار جي قيمت (ڊليوري ايڪس شپ) جي ۾ واڌ سبب آهي. نوٽيفڪيشن موجب ايس اين جي پي ايل صارفين لاءِ آر ايل اين جي، جي سراسر وِڪرو قيمت 12.2300 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو ۽ ايس ايس جي سي ايل صارفين لاءِ 11.2304 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي آهي.

مزید خبریں