صدر آصف علي زرداري سان رومانيا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير الياس محمود نظامي جي ملاقات

اسلام آباد - 15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان رومانيا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير الياس محمود نظامي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري الياس محمود نظامي کي رومانيا ۾ پاڪستان جو سفير نامزد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هلندڙ سال پاڪستان ۽ رومانيا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي …

اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان رومانيا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير الياس محمود نظامي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري الياس محمود نظامي کي رومانيا ۾ پاڪستان جو سفير نامزد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هلندڙ سال پاڪستان ۽ رومانيا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 60هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي. صدر آصف علي زرداري واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ عوامي رابطن ۾ تعاون جي فروغ تي زور ڏيندي نامزد سفير کي هدايت ڪئي ته هو معاشي سفارتڪاري کي ترجيح ڏي ته جيئن ٻطرفي واپار ۾ اضافو ٿي سگهي. صدر قابل تجديد توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ موقعا ڳولڻ تي زور ڏنو. صدر 2025ع جي واپاري ۽ اقتصادي تعاون جي معاهدي تي موثر عملدرآمد جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ رومانيا جي وچ ۾ ڪاروباري رابطن جي فروغ سان گڏيل لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. صدر آصف علي زرداري پاڪستاني ثقافت، فن ۽ ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين سان رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.

مزید خبریں