نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ بين الحڪومتي واپاري ڏيتي ليتي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد - 15 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ بين الحڪومتي واپاري ڏيتي ليتي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي فرسٽ وومين بئنڪ لميٽيڊ (ايف ڊبليو بي ايل) جي نجڪاري جي لاءِ ڏنل واڪ جي منظوري ڏني جيڪا ريفرنس قيمت کان وڌيڪ هئي، اهو هڪ اهم سنگ ميل آهي جيڪو نجڪاري …

اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ بين الحڪومتي واپاري ڏيتي ليتي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي فرسٽ وومين بئنڪ لميٽيڊ (ايف ڊبليو بي ايل) جي نجڪاري جي لاءِ ڏنل واڪ جي منظوري ڏني جيڪا ريفرنس قيمت کان وڌيڪ هئي، اهو هڪ اهم سنگ ميل آهي جيڪو نجڪاري جي ڪامياب عمل ۽ گڏيل عرب امارات جي نامزد سرڪاري ڪمپني انٽرنيشنل هولڊنگ ڪمپني (آءِ ايڇ سي) سان حڪومت سان حڪومت (جي 2 جي) سطح تي معاهدي جي راهه هموار ڪري ٿو. اها اڳڀرائي پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري (ايف ڊي آءِ) جي فروغ ۽ سيرپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي جو سبب بڻجندي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير نجڪاري ڪميشن ۽ ان اهم عمل سان واڳيل سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ ماڻهن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان حڪومت معاشي سڌارن ۽ نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت جي پنهنجي عزم تي پوري طرح قائم آهي. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وفاقي وزير، نجڪاري واري وزير، ريلوي واري مملڪتي وزير، ڪابينا ڊويزن جي سيڪريٽري، نجڪاري واري سيڪريٽري، نجڪاري ڪميشن جي سينيئر عملدارن ۽ ٻين لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں