قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پاڪ افغان بارڊر تي افغان طالبان جي حملي جي مذمت

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪ افغان بارڊر تي افغان طالبان جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي اسپن بولدڪ ۽ چمن سيڪٽر تي حملن کي ناڪام بڻائڻ ۽ افغان طالبان کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ هن چيو ته افغان فورسز جو شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ شرمناڪ آهي، پاڪستان جي …

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪ افغان بارڊر تي افغان طالبان جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي اسپن بولدڪ ۽ چمن سيڪٽر تي حملن کي ناڪام بڻائڻ ۽ افغان طالبان کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ هن چيو ته افغان فورسز جو شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ شرمناڪ آهي، پاڪستان جي خودمختياري ۽ سرحدي سلامتي تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو، پاڪستان جي هٿياربند فوج جي وقت سر ۽ موثر ڪارروائي واکاڻ جوڳي آهي، هٿياربند فوج ملڪ دشمن عنصرن جا ارادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا. هن چيو ته پاڪ فوج قومي غيرت ۽ بهادري جو نئون مثال قائم ڪيو آهي، سيڪيورٽي فورسز پيشيوراڻي مهارت جي ذريعي دشمن جي حملن کي موثر انداز ۾ ڪمزور ڪيو. پارليامينٽ ۽ پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. افغانستان طرفان جارحيت علائقائي امن لاءِ خطرو آهي، پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر پنهنجي دفاعي سرحدن جو ڀرپور تحفظ ڪندو. هن چيو ته پاڪ فوج ملڪ جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي.

مزید خبریں