وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال مصر پهچي ويو

اسلام آباد- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت وارو وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال صحت جي عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) جي 72هين اوڀر رومي سمنڊ بابت ريجنل ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ مصر پهچي ويو، هن سان گڏ اعليٰ سطحي وفد به موجود آهي. قومي صحت واري وزارت مان جاري بيان مطابق اهو اهم اجلاس اوڀر رومي سمنڊ جي خطي جي ملڪن وچ ۾ صحت عامه سان لاڳاپيل …

اسلام آباد- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت وارو وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال صحت جي عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) جي 72هين اوڀر رومي سمنڊ بابت ريجنل ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ مصر پهچي ويو، هن سان گڏ اعليٰ سطحي وفد به موجود آهي. قومي صحت واري وزارت مان جاري بيان مطابق اهو اهم اجلاس اوڀر رومي سمنڊ جي خطي جي ملڪن وچ ۾ صحت عامه سان لاڳاپيل پاليسين، سهڪار ۽ درپيش چئلينجز بابت غور لاءِ منعقد ڪيو پيو وڃي. اجلاس ۾ ميمبر ملڪن طرفان صحت سان لاڳاپيل قدمن، سڌارن ۽ عالمي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. دوري جي دوران وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال اڄ سعودي عرب جي هم منصب سان به اهم ملاقات ڪندو، جنهن ۾ ٻطرفي سهڪار، صحت جي جاري ۽ تجويز هيٺ منصوبن ۽ علائقائي سطح تي جامع قدمن بابت خيالن جي ڏي وٺي ڪئي ويندي. واضح رهي ته پاڪستان صحت جي عالمي اداري سان گڏجي صحت عامه جي شعبي ۾ عالمي سطح تي سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي . 

مزید خبریں