پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر آغا سراج دراني 72 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر آغا سراج دراني 72 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. پ پ جي سينئر اڳواڻ کي هڪ مهينو اڳ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي سندس طبيعت سڌرندڙ هئي پر ڪجهه ڏينهن کان سندس طبيعت ٻيهر خراب ٿي وئي، گذريل ڏينهن ڊاڪٽرن سندس …

ڪراچي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر آغا سراج دراني 72 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. پ پ جي سينئر اڳواڻ کي هڪ مهينو اڳ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي سندس طبيعت سڌرندڙ هئي پر ڪجهه ڏينهن کان سندس طبيعت ٻيهر خراب ٿي وئي، گذريل ڏينهن ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. آغا سراج دراني پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ هو. هو 5 آڪٽوبر 1953ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول ۾ حاصل ڪئي ۽ سنڌ مسلم گورنمنٽ لا ڪاليج مان ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪئي هئي. آغا سراج دراني کي 2 ڀيرا سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجڻ جو اعزاز حاصل هو. هو مارچ 2022ع کان آڪٽوبر 2022ع تائين سنڌ جي وقتي گورنر واري عهدي تي به مقرر رهيو. آغا سراج دراني چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ پيپلز پارٽي سان جڙيل هو. 1988ع ۾ پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجو. 3 ڀيرا صوبائي وزير ۽ 2 ڀيرا سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر رهيو. انهي جو شمار شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري جي ڀروسي جوڳن ساٿين ۾ ٿيندو هو.

مزید خبریں