لاهور- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊ 16 آڪٽوبر خميس ڏينهن ٿيندي. پولنگ صبح ساڍي 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا رنڊڪ جي جاري رهندي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري سميت سڄي ملڪ ۾ پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن. بار جي 13 سيٽن تي سڄي ملڪ مان 34 اميدوار آمهون سامهون آهن. روايتي حريف انڊپينڊنٽ گروپ ۽ پروفيشنل گروپ جي حمايت يافته …
سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊ اڄ ٿيندي

مزید خبریں
لاهور- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊ 16 آڪٽوبر خميس ڏينهن ٿيندي. پولنگ صبح ساڍي 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا رنڊڪ جي جاري رهندي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري سميت سڄي ملڪ ۾ پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن. بار جي 13 سيٽن تي سڄي ملڪ مان 34 اميدوار آمهون سامهون آهن. روايتي حريف انڊپينڊنٽ گروپ ۽ پروفيشنل گروپ جي حمايت يافته اميدوارن وچ ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي. صدارت لاءِ عاصمه جهانگير گروپ جي ايڊووڪيٽ هارون الرشيد ۽ حامد خان گروپ جي ايڊووڪيٽ توفيق آصف وچ ۾ مقابلو ٿيندو. سيڪريٽري جي عهدي لاءِ ميان عرفان اڪرم ۽ ملڪ زاهد اسلم اعواڻ آمهون سامهون آهن. ايڊيشنل سيڪريٽري لاءِ قاضي غلام دستگير ۽ سردار طارق حسين وچ ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي. سڄي ملڪ مان 4 هزار کان وڌيڪ وڪيل ووٽ ڪاسٽ ڪندا، جن مان لاهور ۾ هڪ هزار 1460 وڪيل پنهنجي حق جو استعمال ڪندا، ملتان 315، بهاولپور 145، راولپنڊي 805، خيبر پختونخوا 593، سنڌ 741 ۽ بلوچستان مان 322 وڪيل شامل آهن.











