پاڪ فوج  بلوچستان جي علائقي اسپن بولدڪ ۾ 4 هنڌن تي افغان طالبان جا بزدلاڻا حملا ناڪام  بڻائي ڇڏيا آهن: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪ فوج  بلوچستان جي علائقي اسپن بولدڪ ۾ 4 هنڌن تي افغان طالبان جا بزدلاڻا حملا ناڪام  بڻائي ڇڏيا آهن جڏهن ته 15 کان 20 افغان طالبان مارجي ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن، ڪرم سيڪٽر ۾ به افغان پوسٽن کي وڏو نقصان پهتو آهي. پاڪ فوج جي جوانن جي اثرائتي جواب ۾ 06 ٽينڪن سميت 08 چوڪيون تباهه ڪيون ويون آهن. ان کان علاوه 15 کان …

راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪ فوج  بلوچستان جي علائقي اسپن بولدڪ ۾ 4 هنڌن تي افغان طالبان جا بزدلاڻا حملا ناڪام  بڻائي ڇڏيا آهن جڏهن ته 15 کان 20 افغان طالبان مارجي ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن، ڪرم سيڪٽر ۾ به افغان پوسٽن کي وڏو نقصان پهتو آهي. پاڪ فوج جي جوانن جي اثرائتي جواب ۾ 06 ٽينڪن سميت 08 چوڪيون تباهه ڪيون ويون آهن. ان کان علاوه 15 کان 30 افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي ويڙهاڪن کي جهنم ڀيڙو ٿيڻ جا اطلاع آهن. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب 15 آڪٽوبر تي صبح جو سوير افغان طالبان بلوچستان جي علائقي اسپن بولدڪ ۾ چئن هنڌن تي بزدلاڻا حملا ڪيا. پاڪستاني فورسز حملن کي موثر انداز ۾ ناڪام بڻايو، بدقسمتي سان اهي حملا علائقي جي ويجهن ڳوٺن ذريعي ڪيا ويا جنهن ۾ شهري آبادي جو به خيال نه ڪيو ويو. افغان طالبان پاڪ افغان دوستي گيٽ کي پنهنجي پاسي کان اڏائي ڇڏيو جيڪو ويجهي قبائل جي گڏيل واپار ۽ آساني حقن جي حوالي سان سندن ڪچي ذهنيت کي ظاهر ڪري ٿو، حملن کي ناڪام بڻايو ويو جنهن ۾ 15 کان 20 افغان طالبان مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. علائقي جي صورتحال اڃان به ڇڪتاڻ واري ۽ غير يقيني واري ٻڌائي پئي وڃي، فتنه الخوارج ۽ افغان طالبان جي اسٽيچنگ پوائنٽس ۾ وڌيڪ اضافي جا اطلاع آهن. اسپن بولدڪ ۾ حملو ڪو ڌار واقعو نه هو، 14 ۽ 15 آڪٽوبر جي رات، افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج خيبرپختونخوا ڪرم سيڪٽر ۾ پاڪستاني سرحدي چوڪين تي حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي موثر طريقي سان ناڪام بڻايو ويو ۽ افغان چيڪ پوسٽن کي وڏو نقصان پڻ پهتو، پاڪستاني فوجين جي موثر ڪارروائي ۾ طالبان جون 8 چيڪ پوسٽون ۽ 6 ٽينڪون عملي سميت تباهه ڪيون ويون. 25 کان 30 افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جا ويڙهاڪ مارجڻ جا اطلاع آهن، اهو تاثر ته حملي جي شروعات پاڪستان طرفان ڪئي وئي اها سراسر ڪوڙي ۽ بي بنياد دعويٰ آهي، بلڪل اهڙي طرح جيئن پاڪستاني پوسٽن يا اوزارن تي قبضو ڪرڻ جون دعوائون آهن. طالبان حڪومت جي پروپيگنڊا کي بنيادي حقيقتن جي جاچ ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو، بيان ۾ چيو ويو آهي ته هٿياربند فوج پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ پرعزم ۽ پوري طرح تيار آهي. پاڪستان خلاف هر قسم جي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

مزید خبریں