سينيٽر روبينه خالد پاران سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام(بي آءِ ايس پي) جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد، پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هن پارٽي لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون. جاري تعزيتي پيغام ۾ سينيٽر روبينه خالد، چيو ته آغا سراج دراني  جو عوام جي خدمت لاءِ جذبو بي مثال هو، سنڌ اسيمبلي …

اسلام آباد- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام(بي آءِ ايس پي) جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد، پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هن پارٽي لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون. جاري تعزيتي پيغام ۾ سينيٽر روبينه خالد، چيو ته آغا سراج دراني  جو عوام جي خدمت لاءِ جذبو بي مثال هو، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر طور هن قائداڻيون صلاحتيون ڏيکاريون ۽ جهموريت جي بقا لاءِ بي شمار خدمتون انجام ڏنيون. هن چيو ته ڏک جي گهڙي ۾ پارٽي ۽ پوري قيادت سوڳوار خاندان سان گڏ بيٺل آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ سوڳوار خاندان کي صبر عطافرمائي.

مزید خبریں