پشاور-15 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گورنر هائوس جي ترجمان موجب خيبرپختونخوا جي گورنر مرحوم آغا سراج دراني کي خراج عقيدت پيش ڪندي مغفرت ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. ان موقعي تي گورنر چيو ته پارٽي ۽ سنڌ جي عوام لاءِ مرحوم جي خدمتن کي هميشه ياد …
خيبرپختونخوا جي گورنر پاران آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
پشاور-15 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گورنر هائوس جي ترجمان موجب خيبرپختونخوا جي گورنر مرحوم آغا سراج دراني کي خراج عقيدت پيش ڪندي مغفرت ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. ان موقعي تي گورنر چيو ته پارٽي ۽ سنڌ جي عوام لاءِ مرحوم جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو، آغا سراج دراني پاڪستان پيپلزپارٽي جو اثاثو هو، هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ مرحوم جون خدمتون تاريخ جو حصو آهن، پاڪستان پيپلزپارٽي هڪ تجربيڪار سياستدان ۽ شهيد ڀٽو جي سپاهي کان محروم ٿي وئي آهي.











