اسلام آباد - 15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري افغان سرزمين تان سرحد پار حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته افغان علائقي مان حملا پاڪستان جي خودمختياري جي کليل خلاف ورزي آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر هٿياربند فوج جي جرئت ۽ پيشيواراڻي مهارت کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته افغان طالبان حڪومت دوحه معاهدي جي مسلسل خلاف …
صدر آصف علي زرداري پاران افغان سرزمين تان سرحد پار حملن جي سخت مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري افغان سرزمين تان سرحد پار حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته افغان علائقي مان حملا پاڪستان جي خودمختياري جي کليل خلاف ورزي آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر هٿياربند فوج جي جرئت ۽ پيشيواراڻي مهارت کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته افغان طالبان حڪومت دوحه معاهدي جي مسلسل خلاف ورزي ڪري رهي آهي. هن چيو ته افغان طالبان دهشتگردن کي محفوظ پناهگاهون فراهم ڪري رهيا آهن جيڪي خطي جي ملڪن جي لاءِ خطرو بڻجي رهيا آهن، اهڙا قدم پوري خطي بشمول پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪري رهيا آهن. صدر چيو ته افغان حڪومت وسيع البنياد نمائنده حڪومت جي قيام جي واعدي تان ڦري رهي آهي. افغان طالبانن اقتدار تي اجاره داري قائم ڪري رکي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪ فوج اسپن بولدڪ ۽ ڪرم سيڪٽر ۾ حملا موثر انداز ۾ ناڪام بڻائي ڇڏيا. هن چيو ته افغان عملدار پنهنجي سرزمين دهشتگردي ۽ پاڪستان مخالف سرگرمين جي لاءِ استعمال ڪرڻ نه ڏين، اهڙا حملا خطي جي امن ۽ دوستي جي لاڳاپن کي نقصان پهچائين ٿا. هن چيو ته پاڪستان سمورن پاڙيسري ملڪن سان پرامن ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپا چاهي ٿو، پاڪستان جي خلاف ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور ۽ واضح جواب ڏنو ويندو.











