پاڪستان 2026ع کان 2028ع جي مدي جي لاءِ انساني حقن واري ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد - 15 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان وڏي اڪثريت سان 2026ع کان 2028ع جي مدي جي لاءِ انساني حقن واري ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو آهي. ”ايڪس“ تي پوسٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي حمايت جي لاءِ گڏيل قومن جي سمورن ميمبر ملڪن جا دل سان ٿورا ادا …

اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان وڏي اڪثريت سان 2026ع کان 2028ع جي مدي جي لاءِ انساني حقن واري ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو آهي. ”ايڪس“ تي پوسٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي حمايت جي لاءِ گڏيل قومن جي سمورن ميمبر ملڪن جا دل سان ٿورا ادا ڪريان ٿو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي چونڊ عالمي انساني حقن جي فريم ورڪ کي مضبوط بڻائڻ ۾ ان جي مضبوط ساک جي سڃاڻپ ۽ حصيداري جو اعتراف آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري سان جنگبندي، ڀائيچاري، احترام، اتفاق راءِ جي تعمير ۽ مشغوليت جي بنياد تي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.

مزید خبریں