پاڪستان جا سمورا سرڪاري ۽ نجي ادارا ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪن: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد - 15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي حقن جي تحفظ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته شهري ۽ سڄي پاڪستان جا سمورا سرڪاري ۽ نجي ادارا ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي ذڪر جوڳي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف …

اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي حقن جي تحفظ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته شهري ۽ سڄي پاڪستان جا سمورا سرڪاري ۽ نجي ادارا ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي ذڪر جوڳي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري اهڙن خيالن جو اظهار سفيد لٺ جي تحفظ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر بنيادي حقن جي تحفظ، آزادي کي فروغ ڏيڻ ۽ بصري چئلينجز سان زندگي گذاريندڙ هر ماڻهو جي موروثي وقار کي برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته سفيد ڇڙي رڳو چرپر جي هڪ اوزار کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏيندي همت، پنهنجي صلاحيتن تي اعتماد ۽ اهڙي دنيا کي گهُمڻ ۾ پاڻڀرائپ جي هڪ طاقتور علامت آهي. هن چيو ته سفيد لٺ اسان کي ياد ڏياري ٿي ته واقعي هڪ مهذب ۽ ترقي پسند معاشري جي پيمائش ان جي بلند ترين عمارتن يا مضبوط ترين معيشت سان نه آهي پر ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي ان عزم سان ٿئي ٿي ته هر ماڻهو، جسماني صلاحيت کان هٽي ڪري پنهنجي برادري ۾ تحفظ سان چرپر جي آزادي مان لطف اندوز ٿئي ۽ ان کي زندگي جي سمورن شعبن ۾ موقعن تائين برابر پهچ حاصل هجي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان حڪومت جامع معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ اسٽريٽجڪ قدمن تي عملدرآمد جاري رکيو آهي ۽ هو ان ڏس ۾ مختلف لاڳاپيل ڌرين سان ويجهي تعاون سان ڪم ڪري رهي آهي. اسان جو جامع موقف خصوصي ماڻهن جي لاءِ زندگي جي ڪيترن ئي رخن خاص طور تي ڏسڻ کان محروم ماڻهن تي ڌيان ڏي ٿو. هن چيو ته اسان عوامي جاين تي جسماني پهچ کي منظم طريقي سان بهتر ڪري رهيا آهيون، خصوصي پروگرامن ۽ وسيلن جي ذريعي تعليمي موقعن کي وڌائي رهيا آهيون، پبلڪ سيڪٽر جي قدمن ۽ نجي شعبي جي حصيداري جي ذريعي روزگار جي امڪانن کي وڌائڻ سميت اهڙيون سهولتون تيار ڪري رهيا آهيون جيڪي متنوع ضرورتن کي پورو ڪري سگهن. صدر چيو ته اهي ڪوششون اسان جي پختي يقين تي ٻڌل آهن ته هڪ جامع ماحول ۽ حقيقي برابر موقعا رڳو خواهشمند مقصد نه آهن پر هڪ منصفاڻي ۽ هم آهنگ معاشري جو بنياد آهن. هن چيو ته جڏهن اسان سمورن شهرين کي قومي زندگي ۾ مڪمل طور تي حصو وٺڻ جي لاءِ بااختيار بڻايون ٿا، ته اسان غيراستعمال ٿيل صلاحيت کي موقعا فراهم ڪريون ٿا ۽ پنهنجي قوم جي ڪڙين کي مضبوط بڻايون ٿا. صدر چيو ته ”معذور“ جي اصطلاح هڪ شخص کان ٻئي شخص ۽ هڪ عمر جي گروپ کان ٻئي ۾ تمام مختلف آهي، جيڪو ڪجهه اسان پنهنجي نئين عمري ۾ ڪري سگهون ٿا اهو شايد بعد جي زندگين ۾ ممڪن نه هجي، 50ع ۽ 60ع جي ڏهاڪي ۾ داخل ٿيندي ئي اسان جواني جي سالن وانگر هلڻ ۽ ڊوڙڻ جو طريقو بدلجي وڃي ٿو. هن چيو ته ڪا به معذوري انفرادي ۽ گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ نه ٿي بڻجي سگهي ۽ نه ئي هجڻ گهرجي. صدر چيو ته گڏيل قومن ۾ ڏسڻ کان محروم اسان جي سفارتڪار صائمه سليم هڪ روشن مثال آهي جنهن پنهنجي ذهانت ۽ ڪارڪردگي جي ذريعي اسان سڀني جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو ۽ ٻين جي لاءِ حقيقي نمونو بڻجي وئي. صدر چيو ته سفيد لٺ جي تحفظ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي آئون شهرين سان گڏوگڏ سڄي پاڪستان جي سمورن سرڪاري ۽ نجي ادارن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي ڏسڻ کان محروم ماڻهن کي فعال طور تي سهولتون فراهم ڪن، مڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي ذڪر جوڳي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته انهن جو موقف، مهارت ۽ حصيداري اسان جي گڏيل ترقي جي لاءِ انمول اثاثو آهي. صدر چيو ته اچو اسان پاڪستان جي ان متنوع ويزن کي اختيار ڪريون جتي جسماني ۽ رويي جي رڪاوٽن کي منظم طريقي سان ختم ڪيو وڃي ٿو ۽ جتي خوشحالي ۽ قومي ترقي جي سفر ۾ ڪير به پٺتي نه ٿو رهي. هن چيو ته اسان گڏجي هڪ اهڙو معاشري جوڙي سگهون ٿا جتي سفيد ڇڙي هڪ پائيدار علامت جي طور تي بيهي جيڪا محدوديت جي نه پر سڀني جي لاءِ اعتماد، برابري ۽ وقار جي علامت هجي. صدر چيو ته شموليت ۽ قومي فخر جي ان جذبي ۾ اميد ۽ عزم سان اڳتي وڌندي اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته اسان جي قوم جي طاقت اسان جي اتحاد ۽ هر شهري جي ترقي جي لاءِ اسان جي عزم ۾ لڪل آهي.

مزید خبریں