پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1 لک 66 هزار 930 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو

اسلام آباد- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هاڪار ي جو سلسلو لڳاتار جاري آهي، ڪاروباري هفتي جي شروعات جي ٽئين ڏينهن اربع تي مارڪيٽ ۾ تيزي رهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1،430 کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان 1،66،930 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو.گذريل ڏينهن جي پڄاڻي تي پڻ مارڪيٽ ۾ نمايان بهتري ريڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته 7،032 پوائنٽس …

اسلام آباد- 15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هاڪار ي جو سلسلو لڳاتار جاري آهي، ڪاروباري هفتي جي شروعات جي ٽئين ڏينهن اربع تي مارڪيٽ ۾ تيزي رهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1،430 کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان 1،66،930 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو.گذريل ڏينهن جي پڄاڻي تي پڻ مارڪيٽ ۾ نمايان بهتري ريڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته 7،032 پوائنٽس جي غير معمولي اضافي کان پوءِ 100 انڊيڪس 1،65،476 پوائئنٽس تي بند ٿيو. ڪاروباري طبقن موجب مارڪيٽ ۾ اها تيزي معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد جي بحالي جو نتيجو آهي.