صدر پاران سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدار جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري، آغا سراج دراني جي سياسي ۽ عوامي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن جمهوري قدرن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. صدر مرحوم جي خاندان سان دلي …

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدار جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري، آغا سراج دراني جي سياسي ۽ عوامي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن جمهوري قدرن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. صدر مرحوم جي خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي.