اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي وچ ۾ ايڪسٽينڊڊ فنڊ سهولت، لچڪ ۽ پائيداري جي حوالي سان هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر فنڊ جي لاءِ اسٽاف سطح جو معاهدو طئه ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسٽاف سطح جو معاهدو پاڪستان جي ميڪرو اڪنامڪ اشارن ۾ ايندڙ بهتري جو عڪاس آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم …
وزيراعظم پاران آءِ ايم ايف سان هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر فنڊ جي لاءِ اسٽاف سطح جو معاهدو طئه ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي وچ ۾ ايڪسٽينڊڊ فنڊ سهولت، لچڪ ۽ پائيداري جي حوالي سان هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر فنڊ جي لاءِ اسٽاف سطح جو معاهدو طئه ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسٽاف سطح جو معاهدو پاڪستان جي ميڪرو اڪنامڪ اشارن ۾ ايندڙ بهتري جو عڪاس آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسٽاف سطح جو معاهدو آءِ ايم ايف جي پاران پاڪستان جي تيزي سان بهتر ٿيندڙ معاشي صورتحال تي اعتماد جو اظهار آهي. اهو آءِ ايم ايف جي پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح، ادارتي سڌارن ۽ حڪومتي پاليسين تي اطمينان جو مظهر آهي. وزيراعظم چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير، ناڻي واري مملڪتي وزير، ناني واري وفاقي سيڪريٽري ۽ انهن جي پوري ٽيم واکاڻ جي لائق آهي، جن جي محنت جي ڪري آءِ ايم ايف سان هي معاهدو طئه ٿيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معيشت صحيح رخ ۾ وڌي رهي آهي، ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سمُورا قدم کڻنداسين.











