اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) مسلم ورلڊ ليگ جي انتظام هيٺ پاڪستاني عالمن سان ٻيو مشاورتي اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، جنهن جو موضوع ”مؤقف جي هم آهنگي ۽ اتحاد“ هو. اجلاس ۾ سعودي عرب ۽ پاڪستان جي ناليوارن مذهبي اڳواڻن، عالمن ۽ حڪومتي نمائندن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ سعودي مهمان رابطا عالمِ اسلامي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر شيخ عبدالڪريم العيسي، جي يو آءِ (ف) جي امير …
مسلم ورلڊ ليگ جي انتظام هيٺ پاڪستاني عالمن سان ٻيو مشاورتي اجلاس منعقد

مزید خبریں
اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) مسلم ورلڊ ليگ جي انتظام هيٺ پاڪستاني عالمن سان ٻيو مشاورتي اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، جنهن جو موضوع ”مؤقف جي هم آهنگي ۽ اتحاد“ هو. اجلاس ۾ سعودي عرب ۽ پاڪستان جي ناليوارن مذهبي اڳواڻن، عالمن ۽ حڪومتي نمائندن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ سعودي مهمان رابطا عالمِ اسلامي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر شيخ عبدالڪريم العيسي، جي يو آءِ (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان، علامه راغب نعيمي، حافظ طاهر اشرفي ۽ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف شرڪت ڪئي. اجلاس جو مقصد مسلم اُمت کي درپيش چئلينجز تي گڏيل مؤقف اختيار ڪرڻ، اتحاد ۽ يڪجهتي کي هٿي وٺرائڻ هو. مولانا فضل الرحمان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ مسلم اُمت کي اتحاد جي جيتري ضرورت آهي شايد پهريان ڪڏهن به نه هئي، اسلام هميشه اعتدال، حڪمت ۽ هم آهنگيءَ جو درس ڏنو آهي ۽ بين المسالڪ ۽ بين المذاهب رابطن کي مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. هن چيو ته فلسطين جي حوالي سان سعودي عرب، پاڪستان، ترڪيه ۽ ٻين مسلمان ملڪن عالمي سطح تي اثرائتو ڪردار ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ جنگبندي ممڪن ٿي. اميد آهي ته اها جنگبندي مستقل امن ۽ فلسطين جي آزاد رياست جي قيام تي ختم ٿيندي، جنهن جو گاديءَ وارو هنڌ بيت المقدس هئڻ گهرجي. ان موقعي تي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر عبدالڪريم بن العيسي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جو دؤرو سندس لاءِ فخر جوڳو آهي، پاڪستان مسلم اُمت جو هڪ اهم ملڪ آهي جنهن هميشه اسلامي ملڪن جي اتحاد ۽ حرمين الشريفين جي تقدس جي تحفظ لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ناتا اخوت ۽ اعتماد تي ٻَڌل آهن. وفاقي وزير سردار محمد يوسف مسلم ورلڊ ليگ جي اجتماع کي خطاب ڪندي چيو ته سندس اها سعادت جي ڳالهه آهي ته اسان اهم اجلاس ۾ شريڪ آهيون، جيڪو عالمِ اسلام جي يڪجهتي ۽ اتحاد لاءِ منعقد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مسلم ورلڊ ليگ کي پاڪستان ۾ عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته اها تنظيم مسلم اُمت جي اتحاد ۽ امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مثالي ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته سعودي عرب مسلم اُمت جي قيادت جي صلاحيت رکي ٿو ۽ پاڪستان سان سندس هاڻوڪو دفاعي معاهدو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ سنگِ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته موجوده دؤر ۾ جڏهن دنيا عدم برداشت جو شڪار آهي، ديني قيادت تي لازم آهي ته هو اسلام جو هاڪاري ۽ اعتدال پسند چهرو دنيا آڏو پيش ڪري، مسلم ورلڊ ليگ مسلم اُمت کي جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ پاڪستاني عالمن جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. سردار محمد يوسف چيو ته اسان کي هم آهنگي، رواداري ۽ اتحاد ذريعي انتهاپسندي ۽ اسلاموفوبيا جو خاتمو ڪرڻو پوندو ته جيئن دنيا کي اسلام جو اصل پُرامن ۽ انسان دوست چهرو ڏيکاري سگهون. آخر ۾ هن مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل جو پاڪستان پهچڻ ۽ اڳواڻي ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪندي تنظيم لاءِ دُعا ڪئي.











