بلوچستان جون عورتون نهايت باصلاحيت، ذهين ۽ همٿ واريون آهن: ڊپٽي چيئرمين سيدال خان

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان سان بلوچستان (مڪران ڊويزن ۽ رخشان ڊويزن) سان تعلق رکندڙ عورت وڪيلن جي وفد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ڊپٽي چيئرمين وفد جي آجيان ڪندي چيو ته کيس بيحد خوشي آهي ته بلوچستان جي ڏورانهن ۽ پُٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙ عورت وڪيل اسلام آباد جي دؤري تي آهن ۽ هتي جوڊيشل اڪيڊمي ۾ تربيتي ڪورس …

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان سان بلوچستان (مڪران ڊويزن ۽ رخشان ڊويزن) سان تعلق رکندڙ عورت وڪيلن جي وفد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ڊپٽي چيئرمين وفد جي آجيان ڪندي چيو ته کيس بيحد خوشي آهي ته بلوچستان جي ڏورانهن ۽ پُٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙ عورت وڪيل اسلام آباد جي دؤري تي آهن ۽ هتي جوڊيشل اڪيڊمي ۾ تربيتي ڪورس ۾ شريڪ آهن. هن چيو ته بلوچستان جون عورتون نهايت باصلاحيت، ذهين ۽ همٿ واريون آهن جيڪي صوبي ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. ڊپٽي چيئرمين چيو ته عورتون معاشري جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿيون ۽ سندن شموليت کانسواءِ معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته موجوده حڪومت عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ سندن لاءِ مختلف شعبن ۾ وڌ کان وڌ کان موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن ته جيئن اهي قومي ترقيءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. ان موقعي تي هن چيو ته بلوچستان هڪ پُٺتي پيل علائقو آهي پر بي پناهه قدرتي وسيلن سان مالامال صوبو آهي، گوادر پورٽ جهڙا منصوبا بلوچستان کي علائقائي ۽ عالمي واپار جو مرڪز بڻائي سگهن ٿا. هن چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي ترقي ۽ عوام جي خوشحاليءَ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ انفراسٽرڪچر، تعليم، صحت ۽ توانائيءَ جي شعبن ۾ خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ته بلوچستان جون عورتون اڳتي وڌنديون ته سڄو ملڪ ترقيءَ جي ضمانت بڻجندو. عورت وڪيلن جي وفد مڪران ڊويزن ۽ ٻين علائقن ۾ درپيش مسئلن کان به ڊپٽي چيئرمين کي آگاهه ڪيو. ڊپٽي چيئرمين وفد کي خاطري ڪرائي ته سندن مسئلا لاڳاپيل عملدارن تائين پهچايا ويندا ۽ انهن جي حل لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو.