اسلام آباد - 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي تعمير جي سمورن مرحلن ۾ شفافيت ۽ مقرر مدي ۾ عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جديد ۽ سمورين سهولتن سان ليس اسپتال هوندي جتي عوام کي عالمي معيار جي علاج جون سهولتون دستياب هونديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس اينڊ ريسرچ سينٽر جي حوالي …
وزيراعظم پاران جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي تعمير جي سمورن مرحلن ۾ شفافيت ۽ مقرر مدي ۾ عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي تعمير جي سمورن مرحلن ۾ شفافيت ۽ مقرر مدي ۾ عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جديد ۽ سمورين سهولتن سان ليس اسپتال هوندي جتي عوام کي عالمي معيار جي علاج جون سهولتون دستياب هونديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس اينڊ ريسرچ سينٽر جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس کي جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس اينڊ ريسرچ سينٽر جي تعمير ۾ اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي ڊيزائن ڪنسلٽنٽ جي چونڊ ڪئي وئي آهي ۽ ڪانٽريڪٽ جي حوالي سان پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل سان رجسٽريشن جو عمل جاري آهي، منصوبي جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن جي لاءِ ماهرن جي چونڊ جي حوالي سان اشتهار جلد جاري ڪيو ويندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي مقرري جي لاءِ وفاقي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آهي. منصوبي جي جيو ٽيڪ اسٽڊي مڪمل ڪئي وئي آهي جڏهن ته هائيڊرولوجي ۽ سيسمڪ اسٽڊيز نومبر ۾ مڪمل ڪئي ويندي. اجلاس ۾ منصوبابندي، واري وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قومي صحت واري مملڪتي وزير مختار احمد ڀرٿ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.











