وزيراعظم مصر کان وطن واپس وَرڻ تي سرڪاري معاملا اڪلائڻ ۾ مصروف ٿي ويو

اسلام آباد - 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مصر کان وطن واپس وَرڻ تي سرڪاري معاملا اڪلائڻ ۾ مصروف ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مصر جي دوري کانپوءِ وطن واپس ايندي ئي جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس اينڊ ريسرچ سينٽر جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. هن اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي مصر جي دوري بابت پڻ آگاهه …

اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مصر کان وطن واپس وَرڻ تي سرڪاري معاملا اڪلائڻ ۾ مصروف ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مصر جي دوري کانپوءِ وطن واپس ايندي ئي جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس اينڊ ريسرچ سينٽر جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. هن اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي مصر جي دوري بابت پڻ آگاهه ڪيو. شرڪت ڪندڙن ڊيسڪون وڄائي وزيراعظم کي پاڪستان جي سفارتي ڪاميابين تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته غزه امن سربراهي اجلاس دوران پاڪستان کي هڪ اهم مقام حاصل رهيو. وزيراعظم پنهنجي اڻٿڪ محنت سان پاڪستان کي سفارتي سطح تي هڪ انتهائي اهم مقام ڏياريو آهي.

مزید خبریں