واشنگٽن- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته موسمياتي تبديليون پاڪستان لاءِ وڏي وجودي خطري جي صورت اختيار ڪري چڪيون آهن، جنهن جو واضح مثال تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آهي، جنهن زراعت ۽ معاشي اؤسر تي گهرا اثر وڌا آهن، سڌارن جي ايجنڊا تي عملدرآمد جاري رهندو. هن اها ڳالهه واشنگٽن ڊي سي ۾ عالمي بئنڪ ۽ عالمي مالياتي فنڊ …
موسمياتي تبديليون پاڪستان لاءِ وڏي وجودي خطري جي صورت اختيار ڪري چڪيون آهن: سينيٽر محمد اورنگزيب

مزید خبریں
واشنگٽن- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته موسمياتي تبديليون پاڪستان لاءِ وڏي وجودي خطري جي صورت اختيار ڪري چڪيون آهن، جنهن جو واضح مثال تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آهي، جنهن زراعت ۽ معاشي اؤسر تي گهرا اثر وڌا آهن، سڌارن جي ايجنڊا تي عملدرآمد جاري رهندو. هن اها ڳالهه واشنگٽن ڊي سي ۾ عالمي بئنڪ ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي مختلف ملاقاتن ۽ تقريبن کي خطاب دوران چئي. ناڻي واري وزير آمريڪي ڪمپنين کي تيل ۽ گيس، معدنيات، زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. ناڻي واري وزارت طرفان جاري تفصيل موجب سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ڊائريڪٽر جهاد آزور ۽ سندس ٽيم سان تفصيلي ملاقات ڪئي. ڌُرين پاڪستان جي سڌارن واري ايجنڊا تي ڳاليهون ڪيون ۽ ان عمل کي جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف جي توسيعي فنڊ سهولت جي ٻئي جائزي تي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو ۽ ڪُلي معيشت جي استحڪام کي برقرار رکڻ جي اهميت تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير دولتِ مشترڪه جي ناڻي وارن وزيرن جي اجلاس ۾ به شرڪت ڪئي، جتي هن هڪ جٽادار ۽ مضبوط دولت مشترڪه جي قيام لاءِ عملي قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو. هن بنيادي ڍانچي، مالياتي لچڪ ۽ فني معاونت فنڊ جي قيام جي حمايت ڪئي، جيڪو ميمبر ملڪن وچ ۾ سگهه ۾ واڌ لاءِ قائم ڪيو پيو وڃي. ناڻي واري اُسرندڙ ملڪن لاءِ موسمياتي مالي معاونت جي اهميت کي اجاگر ڪندي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي جلد لاڳو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير عالمي بئنڪ گروپ جي سينيئر ايم ڊي ايڪسل وين ٽروٽسين برگ سان پڻ ملاقات ڪئي. هن پاڪستان جي ترقياتي ايجنڊا لاءِ عالمي بئنڪ جي تسلسل سان سهڪار تي ٿورو مڃيو. ناڻي واري وزير موسمياتي هڪجهڙائي ۽ گهٽتائيءَ لاءِ سيڙپڪاريءَ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ مالي وسيلا متحرڪ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هن يو ايس پاڪستان بزنس ڪائونسل جي ميمبرن سان پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان جي معاشي اهڃاڻن ۾ هاڪاري بهتري ۽ نجي شعبي کي هٿي وٺرائڻ جي اهميت تي روشني وڌي. هن ڪاروباري برادريءَ کي درپيش مسئلن جي حل ۽ وڌ کان وڌ سهولت فراهم ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي واري وزير آمريڪا سان تازي واپاري معاهدي جو ذڪر ڪيو ۽ مائيننگ، زراعت، آءِ ٽي ۽ فارما سيوٽيڪل سميت مختلف شعبن ۾ حڪومتي ۽ ڪاروباري سطح تي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي اميد ظاهر ڪئي. اجلاس جي آخر ۾ ٿيل سوال ۽ جواب جي سيشن ۾ وفاقي وزير ڪاروباري اڳواڻن جا سمورا جائز خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ان کان اڳ ناڻي واري وزير آمريڪي ناڻي کاتي جي عالمي ماليات بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري رابرٽ ڪيپ روٿ ۽ ڪائونسلر جوناٿن گرين اسٽائن سان ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير پاڪستان جي مضبوط معاشي بنيادن تي روشني وڌي جيڪي آءِ ايم ايف پروگرام تحت وڌيڪ مستحڪم ٿي رهي آهي. هن آمريڪا سان تازي ٽيرف معاهدي جي ڪامياب تڪميل جي آجيان ڪئي ۽ ٻُڌايو ته پاڪستان ورچوئل اثاثن جي ريگيوليشن بابت قانونسازي مڪمل ڪري ورتي آهي. ناڻي واري وزير آمريڪي ڪمپنين کي تيل ۽ گيس، معدنيات، زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. ناڻي واري وزير انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جي ريجنل وائيس پريزيڊنٽ ريڪارڊو پوليتي سان ملاقات ڪئي. هن پاڪستان ۾ نجي شعبي جي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۾ آءِ ايف سي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ريڪوڊڪ منصوبي جي مالي تڪميل جي عمل کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هن اسلام آباد ۾ آءِ ايف سي جي نئين ريجنل آفيس جي قيام جي پڻ آجيان ڪئي جيڪا ٻنهي ڌُرين وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪندي. ناڻي واري وزير اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر سان به ملاقات ڪئي. هن پاڪستان ۾ جاري رٿائن تي بئنڪ جي سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو ۽ ايم-6 موٽر وي جي ٻن حصن لاءِ مالي معاونت جي منظوريءَ کي ساراهيو. ٻنهي ڌُرين پوليو جي خاتمي، تيل فنانسنگ سهولت ۽ نئين ملڪ گير فريم ورڪ تي گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. دؤري دوران سينيٽر اورنگزيب سٽي بئنڪ جي نمائندن سان به ملاقات ڪئي. هن پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام ۽ سڌارن واري عمل جي ڪاميابيءَ تي روشني وڌي ۽ عالمي ڪريڊٽ ايجنسين طرفان ان جي تصديق جو ذڪر ڪيو. هن پاڪستان جي وڌندڙ ڊجيٽل ۽ مالياتي شعبن ۾ سٽي بئنڪ جي تجويزن تي غور جي خاطري پڻ ڪرائي. ناڻي واري وزير مختلف عالمي ميڊيا ادارن، خاص ڪري ايسوسيئيٽيڊ پريس ۽ رائٽرز کي انٽرويو به ڏنا. بعد ۾ پاڪستاني سفير رضوان سعيد شيخ طرفان ڏنل ڊنر ۾ پڻ شرڪت ڪئي.











