ريلوي واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ پشاور ريلوي ڊويزن جي معاملن تي هڪ اهم اجلاس

اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت هيٺ ريلوي وزارت ۾ پشاور ريلوي ڊويزن جي معاملن تي هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پشاور ڊويزن طرفان ريلوي واري وزير کي آن لائن بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ آپريشنز، مينٽيننس، اينٽي انڪروچمينٽ مهم، صفائي سٿرائي ۽ مسافرن کي فراهم ٿيندڙ سهولتن جي حوالي سان تفصيلي اڳڀرائيءَ کان آگاهه ڪيو ويو. ڊي ايس …

اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت هيٺ ريلوي وزارت ۾ پشاور ريلوي ڊويزن جي معاملن تي هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پشاور ڊويزن طرفان ريلوي واري وزير کي آن لائن بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ آپريشنز، مينٽيننس، اينٽي انڪروچمينٽ مهم، صفائي سٿرائي ۽ مسافرن کي فراهم ٿيندڙ سهولتن جي حوالي سان تفصيلي اڳڀرائيءَ کان آگاهه ڪيو ويو. ڊي ايس پشاور فرمان غني ٻُڌايو ته پشاور ڊويزن ۾ ٽرينن جي پابندي 99 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي، جڏهن ته گذريل 3 مهينن دوران مڇرن يا ڪاڪروچن ۽ بين جيتن بابت ڪا شڪايت ناهي ملي. هن ٻُڌايو ته فيوميگيشن مهم اثرائتي انداز ۾ جاري آهي ۽ ريل گاڏين ۽ اسٽيشنن تي صفائيءَ جي بهترين انتظامن کي يقيني بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته مسافرن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ ريلوي وزارت جي پهرين ترجيح آهي. هن بنا ٽڪيٽ سفر ڪندڙن تي ڪَڙي نظر رکڻ ۽ اثرائتي ڪارروائي جي پڻ هديت ڪئي. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته پشاور ريلوي ڊويزن جون 9 اسٽيشنون مڪمل طور تي سولر انرجي منتقل ڪيون ويون آهن جڏهن ته 1400 ريلوي ڪوارٽرز جي سولرائزيشن ۽ ميٽرائزيشن جو عمل پڻ مڪمل ڪيو ويو آهي. ريلوي واري وزير پشاور ڊويزن جي انتظاميه جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ چيو ته سمورين ريلوي ڊويزنن ۾ اهڙيءَ طرح جون تفصيلي بريفنگز باقاعدگي سان منعقد ڪيون وينديون. محمد حنيف عباسي چيو ته پاڪستان ريلوي جدت، شفافيت ۽ عوامي خدمت جي نئين دؤر ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ ريلوي کاتو مسافرن کي بهتر سهولتون، صفائي ۽ محفوظ سفر فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.

مزید خبریں