پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ ڊجيٽل سهڪار ۽ انوويشن کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق

دبئي- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه دبئي ۾ جاري جيٽڪس گلوبل 2025ع دوران يو اي اي جي عملدارن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. وزارت موجب وفاقي وزير شزه فاطمه يو اي اي جي صنعت ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي وزارت جي انڊر سيڪريٽري هزعمر سووينه الوويدي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڊجيٽل گورننس، مصنوعي ذهانت، ڊجيتل نيشنل پاڪستان ايڪٽ، نيشنل …

دبئي- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه دبئي ۾ جاري جيٽڪس گلوبل 2025ع دوران يو اي اي جي عملدارن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. وزارت موجب وفاقي وزير شزه فاطمه يو اي اي جي صنعت ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي وزارت جي انڊر سيڪريٽري هزعمر سووينه الوويدي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڊجيٽل گورننس، مصنوعي ذهانت، ڊجيتل نيشنل پاڪستان ايڪٽ، نيشنل ڊيٽا ايڪسچينج ليئر ۽ ڪيش ليس اڪانومي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. شزه فاطمه خواجه ابوظهبي انويسٽمينٽ آفيس جي مسيموفالچوني سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڊجيٽل سيڙپڪاري ۽ فني ڀائيواريءَ تي ڳالهيون ٿيون. وفاقي وزير گلف انفارميشن ٽيڪنالاجي ايگزيبيشن (جائيڪس) جي موقعي تي اي ايڇ اي ڊي جي سي اي او منيب انجم سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جي سائبر سيڪيورٽي اِيڪو سسٽم کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ٿيو.

مزید خبریں