پشاور- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) پشاور هاءِ ڪورٽ خيبرپختونخواهه جي نئين چونڊيل وڏي وزير جي حلف برداري ۾ دير بابت پي ٽي آءِ پاران آرٽيڪل 255 تحت داخل آئيني درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻُڌائيندي ڪي پي ڪي جي گورنر کي نئين چونڊيل وڏي وزير کان 15 آڪٽوبر اربع ڏينهن 4 وڳي تائين حلف وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ايس ايم عتيق شاهه …
پشاور هاءِ ڪورٽ پاران ڪي پي ڪي جي گورنر کي نئين چونڊيل وڏي وزير کان حلف وٺڻ جو حڪم

مزید خبریں
پشاور- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) پشاور هاءِ ڪورٽ خيبرپختونخواهه جي نئين چونڊيل وڏي وزير جي حلف برداري ۾ دير بابت پي ٽي آءِ پاران آرٽيڪل 255 تحت داخل آئيني درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻُڌائيندي ڪي پي ڪي جي گورنر کي نئين چونڊيل وڏي وزير کان 15 آڪٽوبر اربع ڏينهن 4 وڳي تائين حلف وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ايس ايم عتيق شاهه ڪي پي ڪي جي نئين چونڊيل وڏي وزير سهيل آفريدي کان حلف وٺڻ لاءِ دخل درخواست تي ٻُڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت ڪيترائي ڀيرا گورنر جي مؤقف تي پُڇاڻو ڪيو. گورنر جي وڪيل عامر جاويد عدالت کي ٻُڌايو ته علي امين گنڊاپور کي طلب ڪرڻ کانپوءِ گورنر ڪراچي ويو هو ۽ واپسيءَ کانپوءِ هو قانون موجب قدم کڻندو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته وڏي وزير جي استعيفيٰ ڏيڻ سان ئي استعيفيٰ ٿي وڃي ٿي، چاهي گورنر منظور ڪري يا نه. پي ٽي آءِ جي وڪيل سلمان اڪرم راجا عدالت ۾ مؤقف اختيار ڪيو ته علي امين گنڊاپور استعيفيٰ ڏني ۽ نئين وڏي وزير کي ووٽ به ڏنو. دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عدالت فيصلو ٻُڌائيندي گورنر کي نئين چونڊيل وڏي وزير کان (اڄ) 4 وڳي تائين حلف وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.











