سوات جي تعلقي مٽه ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم دوران ڊيوٽي تي مقرر ليويز فورس اهلڪار اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ شهيد

پشاور- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) سوات جي تعلقي مٽه ۾ قومي پوليو جي روڪٿام واري مهم دوران ڊيوٽي تي مقرر سوات ليويز فورس جو اهلڪار عبدالڪبير اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويو. سوات جي ڊپٽي ڪمشنر آفيس مان جاري بيان مطابق افسوسناڪ واقعو بياڪند روڊ، اينزرگي ڊاگ جي علائقي ۾ پيش آيو، جتي پوليو ٽيم پنهنجي معمول مطابق گهر گهر وڃي 5 سالن کان ننڍي عمر جي …

پشاور- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) سوات جي تعلقي مٽه ۾ قومي پوليو جي روڪٿام واري مهم دوران ڊيوٽي تي مقرر سوات ليويز فورس جو اهلڪار عبدالڪبير اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويو. سوات جي ڊپٽي ڪمشنر آفيس مان جاري بيان مطابق افسوسناڪ واقعو بياڪند روڊ، اينزرگي ڊاگ جي علائقي ۾ پيش آيو، جتي پوليو ٽيم پنهنجي معمول مطابق گهر گهر وڃي 5 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري رهي هئي. فائرنگ جي وقت پوليو ٽيم ۾ عورت ورڪرز به موجود هيون، جيڪي محفوظ رهيون. سوات جي ڊپٽي ڪمشنر سليم جان مروت، ان واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اهو هڪ بزدلاڻو ۽ انسانيت ڏکوئيندڙ عمل آهي. شهيد عبدالڪبير، قومي فرض انجام ڏيندي پنهنجي جان قربان ڪئي. سندس قرباني کي هميشه ياد رکيو ويندو. پوليو ٽيمن جي حفاظت اسان جي اولين ترجيح آهي ۽ اهڙن عنصرن خلاف ڪارروائي ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته پوليو جي خاتمي واري مهم بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهندي ڇو ته اها مهم ٻارن جي محفوظ مستقبل لاءِ انتهائي ضروري آهي. هن شهيد جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي ضلعي انتظاميه طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر واقعي جي شديد مذمت ڪندي چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قاتلن کي جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ پرعزم آهن. 

مزید خبریں