حيدرآباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام هائر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي سالياني ڪارڪردگي جائزي ۾ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ نمبر حاصل ڪري هڪ اهم ڪاميابي ماڻي آھي، وائيس چانسلر ان شاندار ڪاميابي تي سڄي يونيورسٽي ٽيم کي مبارڪون ڏنيون. سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ڪوالٽي اينهانسمنٽ سيل (ڪيو اي سي) سال 2023–24 لاءِ ايڇ اي …
ھيڪ اسلام آباد سالياني ڪارڪردگي جائزي ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شاندار ڪاميابي، 90 سيڪڙو کان وڌيڪ نمبر سان ”ايم ايم پي ايس“ ريٽنگ حاصل

مزید خبریں
حيدرآباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام هائر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي سالياني ڪارڪردگي جائزي ۾ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ نمبر حاصل ڪري هڪ اهم ڪاميابي ماڻي آھي، وائيس چانسلر ان شاندار ڪاميابي تي سڄي يونيورسٽي ٽيم کي مبارڪون ڏنيون. سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ڪوالٽي اينهانسمنٽ سيل (ڪيو اي سي) سال 2023–24 لاءِ ايڇ اي سي جي ڪارڪردگي بابت ڇنڊ ڇاڻ ۾ 90.23 نمبر حاصل ڪري ”وڌ کان وڌ معيارن تي اطمينان بخش نموني پورو لهڻ“ (ايم ايم پي ايس) واري درجابندي حاصل ڪئي، اھا ڪاميابي يونيورسٽي جي اندروني معيار جي بھترين نظام جي اثرائتي ڪارڪردگي کي جو مثال آھي، ھيڪ جي ڪوالٽي اشورنس ايجنسي ان قسم جو ساليانو جائزو اعليٰ تعليمي ادارن ۾ اندروني معيار جي پختگي ۽ معيار جي رواج کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ڪرائي ويندي آھي، سال 2023–24 جي جائزي ۾ ڪيترن ئي شعبن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي، جن ۾ اداري جي ڪارڪردگي جو جائزو، انڊرگريجوئيٽ ۽ گريجوئيٽ پروگرامن جي سيلف اسيسمينٽ، لاڳاپيل ڪائونسلن ذريعي ايڪريڊيٽيشن، گريجوئيٽ پروگرامن جو جائزو، ڪيو اي سي سيڪريٽريٽ جي ڪارڪردگي ۽ ايڇ اي سي جي پاليسين جي اي پي 2023، پليجيرزم پاليسي ۽ تدريسي عملي جي مقرر جي معيارتي عمل شامل هو. ان موقعي تي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال، ڊائريڪٽر ڪيو اي سي ڊاڪٽر سليم مسيح ڀٽي، اڳوڻي ڊائريڪٽر انجنيئر رياست علي ڪٻر، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي ۽ سڄي ڪيو اي سي ٽيم کي سندن محنت، ڀرپور ڪارڪردگي ۽ شاندار نتيجن تي دل سان مبارڪون ڏنيون ۽ هن ڪاميابي کي يونيورسٽي لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو، ساڳئي وقت، ڊائريڪٽر ڪيو اي سي ڊاڪٽر سليم مسيح ڀٽي وائيس چانسلر جي رهنمائي، اعتماد ۽ حوصلا افزائي تي خاص ٿورا مڃيا. هن رجسٽرار، ڊينن، علمي ۽ انتظامي سربراهن، فئڪلٽي ۽ اسٽاف جي ڀرپور سهڪار جي به ساراهه ڪئي.











