خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري پاران سوات جي علائقي مٽه ۾ پوليو ويڪسين ٽيم تي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت

اسلام آباد - 14 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري سوات جي علائقي مٽه ۾ پوليو ويڪسين ٽيم تي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ اهلڪار قوم جا محافظ آهن، شهيد ليويز اهلڪار جي قرباني رائيگان نه ويندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب خاتون اول ان افسوسناڪ واقعي ۾ جاني …

اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري سوات جي علائقي مٽه ۾ پوليو ويڪسين ٽيم تي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ اهلڪار قوم جا محافظ آهن، شهيد ليويز اهلڪار جي قرباني رائيگان نه ويندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب خاتون اول ان افسوسناڪ واقعي ۾ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ٻارن کي ناقابل علاج بيمارين کان بچائڻ جي عظيم مشن تي مقرر ڪارڪنن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي نشانو بڻائيندڙ عنصر حقيقت ۾ انسانيت جا دشمن آهن. هن شهيد ليويز آفيسر جي همت ۽ فرض شناسي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سندس قرباني سدائين ياد رکي ويندي. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته پوليو جو خاتمو اسان جي قومي ترجيح آهي. هن زور ڏئي چيو ته اهڙا بزدلاڻا قدم پاڪستان جي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، اسان جو عزم هر ٻار جي لاءِ صحتمند، محفوظ ۽ پوليو کان پاڪ مستقبل کي يقيني بڻائڻ آهي. خاتون اول سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد اهلڪار جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.

مزید خبریں