واشنگٽن- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب آمريڪا سان ٽيرف معاهدي تي ڪامياب ڳالهين کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۾ نجي شعبي کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، حڪومت ڪاروباري طبقي جي درپيش ڏکيائين کان آگاهه آهي ۽ انهن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙو اظهار هن واشنگٽن ڊي سي ۾ آمريڪي …
آمريڪا سان ٽيرف معاهدي تي ڪامياب ڳالهيون سٺو سنوڻ آهن، ملڪ جي ترقي ۾ نجي شعبي کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: ناڻي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
واشنگٽن- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب آمريڪا سان ٽيرف معاهدي تي ڪامياب ڳالهين کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۾ نجي شعبي کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، حڪومت ڪاروباري طبقي جي درپيش ڏکيائين کان آگاهه آهي ۽ انهن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙو اظهار هن واشنگٽن ڊي سي ۾ آمريڪي ناڻي کاتي جي عالمي ماليات بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري رابرٽ ڪيپ روٿ ۽ صلاحڪار جوناٿن گرين اسٽيئن ۽ يو ايس – پاڪستان بزنس ڪائونسل جي اڳواڻن ۽ ميمبرن سان ملاقات دوران ڪيو. ناڻي وارو وزير اڄڪلهه آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ جي سالياڻن اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ واشنگٽن ۾ موجود آهي. آمريڪي ناڻي کاتي جي اسسٽنٽ سيڪريٽري رابرٽ روٿ ۽ صلاحڪار جوناٿن سان ملاقات دوران ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف پروگرام تحت پاڪستان جي مضبوط معاشي بنيادن تي روشني وڌي ۽ آمريڪي اختيارين کي پاڪستان ۾ ورچوئل اثاثن جي ريگيوليشن بابت قانون سازي کان آگاهه ڪيو. هن آمريڪي ڪمپنين کي تيل ۽ گيس، معدنيات، زراعت، آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جي معاشي اهڃاڻن ۾ ٿيل بهتري بابت آگاهه ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته ملڪ جي ترقي ۾ نجي شعبي کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ڪاروباري طبقي جي ڏکيائين کان واقف آهي ۽ انهن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن آمريڪا سان ٿيل واپاري معاهدي کي اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته هو آمريڪي ڪمپنين سان سرڪاري ۽ نجي سطح تي خاص ڪري معدنيات، زراعت، آءِ ٽي ۽ دوا سازي جي شعبن ۾ رابطن کي هٿي وٺرائڻ جو خواهشمند آهي. سيشن جي پڄاڻي تي هن شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب به ڏنا ۽ خاطري ڪرائي ته انهن جي جائز خدشن کي حل ڪيو ويندو. ناڻي واري وزير سٽي بينڪ جي نمائندن سان به ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هن پاڪستان سان بينڪ جي ڊگهي ڀائيواري جي لاڳاپن کي ساراهيندي مسلسل سهڪار تي ٿورو مڃيو. هن عالمي ريٽنگ ايجنسين جي توثيق سان جاري سڌارن وارن قدمن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي مستحڪم معاشي صورتحال تي روشني وڌي. ناڻي واري وزير اهو به چيو ته پاڪستان تيزي سان ڊجيٽل سوچ ۽مالياتي خدمتن جو اڀرندڙ مرڪز بڻجي رهيو آهي ۽ حڪومت بينڪ جي تجويزن تي غور ڪندي. ان کان اڳ ناڻي واري وزير انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جي ريجنل نائب صدر ريڪارڊو پوليتي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ناڻي واري وزير پاڪستان جي مضبوط معاشي اهڃاڻن تي ڳالهيون ڪيون ۽ نجي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ خاص ڪري 10 سالن جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت اربين ڊالر جي سيڙپڪاري تي آءِ ايف سي جي ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين ريڪوڊڪ منصوبي جا مالياتي معاملا جلد طئي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ناڻي واري وزير اسلام آباد ۾ آءِ ايف سي جي نئين علائقائي آفيس جي قيام جي به آجيان ڪئي. هن اسلامي ترقياتي بينڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر سان به ملاقات ڪئي. هن پاڪستان لاءِ بينڪ جي ڊگهي مدي واري امداد ۽ سهڪار تي ٿورو مڃيو ۽ جاري منصوبن تي اڳڀرائي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير ايم – 6 موٽروي جي ٻن حصن لاءِ فنانسنگ جي منظوري تي اسلامي ترقياتي بينڪ جي صدر جو ٿورو مڃيو ۽ پوليو جي خاتمي ۽ تيل فنانسنگ سهولت جي شعبن ۾ سهڪار جاري رکڻ جي اميد ظاهر ڪئي. ڌرين پاڪستان لاءِ نئين ڪنٽري انگيجمينٽ فريم ورڪ جي تياري تي اتفاق ڪيو.











