وزيراعظم پاران ملڪي سرحدن جي حفاظت ڪندي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز جي 12 جوانن کي خراج عقيدت پيش

شرم الشيخ - 13 - آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز جي 12 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي، انهن شهيدن جي جنازي نماز سومر ڏينهن ادا ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري …

شرم الشيخ – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز جي 12 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي، انهن شهيدن جي جنازي نماز سومر ڏينهن ادا ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته انهن شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت تي فخر آهي، پاڪ فوج سدائين هر قسم جي ٻاهرئين جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، پوري قوم پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي ۽ شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم دهشتگردن جي خلاف ڪاررواين ۾ زخمي ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.

مزید خبریں