اسلام آباد - 13 - آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان جا لاڳاپا گڏيل مذهب، اعتماد ۽ امن جي بنياد تي قائم آهن، ٽه ڌريي اسپيڪرز ڪانفرنس جهڙيون سرگرميون ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون ۾ اضافي جي علامت آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري سان ترڪيه ۽ آذربائيجان جي پارليامينٽن جي …
پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان جا لاڳاپا گڏيل مذهب، اعتماد ۽ امن جي بنياد تي قائم آهن: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان جا لاڳاپا گڏيل مذهب، اعتماد ۽ امن جي بنياد تي قائم آهن، ٽه ڌريي اسپيڪرز ڪانفرنس جهڙيون سرگرميون ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون ۾ اضافي جي علامت آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري سان ترڪيه ۽ آذربائيجان جي پارليامينٽن جي اسپيڪرن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق پڻ ان موقعي تي موجود هو. صدر ٽه ڌريي اسپيڪرز ڪانفرنس جي ڪامياب انعقاد تي ترڪيه ۽ آذربائيجان جي اسپيڪرن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اهڙيون سرگرميون ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون ۾ اضافي جي علامت آهن. صدر ملاقات ۾ پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان جي گهري ۽ ڀائراڻي لاڳاپن تي زور ڏنو. هن چيو ته اهو رشتو گڏيل عقيدي، گڏيل اعتماد ۽ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل تصور تي قائم آهي. آذربائيجان جي اسپيڪر غفار واني صدر کي آذربائيجان جي قيادت جي نيڪ جذبن ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. هن صدر کي آگاهه ڪيو ته پهرين ڪانفرنس آذربائيجان، ٻي ترڪيه ۽ ٽئين پاڪستان ۾ منعقد ٿي. آذربائيجان جي اسپيڪر پاڪستاني پارليامينٽ ميمبرن کي باڪو جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني ته جيئن موسمياتي تبديلي جي چئلينجز سميت تعاون جي نئين امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. صدر ترڪيه پاران پاڪستان جي گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي ميمبرشپ جي حمايت کي ساراهيو. صدر آصف علي زرداري ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ترڪيه پاران پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي ۽ اعلان ڪيو ته ايندڙ زونز مان هڪ جو نالو ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي نالي تي رکيو ويندو. صدر استنبول – تهران – اسلام آباد ريلوي لنگهه ۽ انٽرنيشنل نارٿ – سائوٿ ٽرانسپورٽ لنگهه جهڙن منصوبن کي خطي ۾ واپار ۽ رابطن جي فروغ جي لاءِ اهم قرار ڏنو. صدر چيو ته پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي گڏيل هدفن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا.











