اسلام آباد - 13 - آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان آسٽريليا جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ايوان صدر ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. صدر بطور هاءِ ڪمشنر پنهنجي مقرري جي مدي ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سندس ڪوششن کي ساراهيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته هاءِ ڪمشنر جي خدمتن سان ٻنهي ملڪن …
صدر آصف علي زرداري سان آسٽريليا جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان آسٽريليا جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ايوان صدر ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. صدر بطور هاءِ ڪمشنر پنهنجي مقرري جي مدي ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سندس ڪوششن کي ساراهيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته هاءِ ڪمشنر جي خدمتن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، معاشي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون کي فروغ مليو آهي جڏهن ته عوام جي وچ ۾ رابطن کي گهرو ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ آسٽريليا گڏيل مفادن ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي ڊگهي عرصي کان دوستاڻي ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن مان فائدو کنيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي پنهنجي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي. معاشي لاڳاپن جي حوالي سان صدر چيو ته جيتوڻيڪ ٻطرفي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پر اهو اڃا تائين اصل صلاحيت کان گهٽ آهي. هن ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻ تي زور ڏنو. هاءِ ڪمشنر صدر کي سنڌ جي پنهنجي تازي دوري کان آگاهه ڪيو ۽ کيس زراعت ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي جاري تعاون بابت بريفنگ ڏني. هن چيو ته هو ۽ سندس فيملي پاڪستان جي عوام جي مهمان نوازي ۽ محبت ڀريل خوبصورت يادون پاڻ سان گڏ کڻي وڃي رهيا آهن. هاءِ ڪمشنر پاڪستان جي نسلي، لساني، مذهبي ۽ خوراڪ جي واڌويجهه کي متاثر ڪندڙ قرار ڏنو. صدر آصف علي زرداري هاڪنز جي مستقبل جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته اميد ڪريان ٿو ته هاءِ ڪمشنر پاڪستان ۽ ان جي عوام جي سٺي يادن کي پاڻ سان گڏ کڻي ويندو.











