اسلام آباد-13 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان چيو آهي ته ٽنهي ملڪن وچ ۾ دوستي ۽ ڀائيچاريءَ تي ٻَڌل رشتي ۽ پارلياماني سهڪار کي هٿي وٺرائڻ سان پائيدار امن جي قيام، علائقائي سالميت ۽ استحڪام لاءِ گڏيل ڪوششون خطي ۾ ترقي ۽ خوشحاليءَ جو سبب بڻبيون، ٽنهي ملڪن کي دفاعي شعبي ۾ به سهڪار کي هٿي وٺرائڻ گهرجي. ٽه ڌُري اجلاس ۾ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ پاڪستان …
پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان جو ٽه ڌُري سهڪار منفرد ۽ اسٽريٽجڪ ڀائيواريءَ جو مثال آهي: سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد-13 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان چيو آهي ته ٽنهي ملڪن وچ ۾ دوستي ۽ ڀائيچاريءَ تي ٻَڌل رشتي ۽ پارلياماني سهڪار کي هٿي وٺرائڻ سان پائيدار امن جي قيام، علائقائي سالميت ۽ استحڪام لاءِ گڏيل ڪوششون خطي ۾ ترقي ۽ خوشحاليءَ جو سبب بڻبيون، ٽنهي ملڪن کي دفاعي شعبي ۾ به سهڪار کي هٿي وٺرائڻ گهرجي. ٽه ڌُري اجلاس ۾ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن جي حوالي سان پاڪستان جي مؤقف جي ڀرپور تائيد ڪئي وئي. اهڙن خيالن جو اظهار پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي انتظام هيٺ ٽه ڌُري اسپيڪرز اجلاس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو ويو. اسپيڪر سردار اياز صادق، آذربائيجان ۽ ترڪيه جي اسپيڪرز جي آجيان ڪئي. هن چيو ته آذربائيجان ۽ ترڪيه جي ٽه ڌُري اجلاس ۾ شرڪت پاڪستان لاءِ خوشيءَ جو سبب آهي. ٽه ڌُري ڪانفرنس جو موضوع ”ڀائراڻن ناتن جو استحڪام، علائقائي امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ پارلياماني سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي.“ پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان ٽه ڌُري سهڪار منفرد ۽ اسٽريٽجڪ ڀائيواريءَ جومثال آهن. اها ڀائيواري حڪومتن جي نه عوام جي خواهش ۽ـ پارليامينٽ جو آواز آهي. هن چيو ته عالمي سلامتيءَ جو نظام شديد دٻاءُ جو شڪار آهي. سڄي دنيا ۾ خودمختياريءَ جي اصول ۽ علائقائي سلامتي جون ڀڃڪڙيون جاري آهن. غزه ۾ ٻن سالن جو ظلم ۽ ڏاڍ انسانيت جي ضمير تي بدنما داغ رهندو. ڪشميري عوام 7 ڏهاڪن کان پنهنجي خوداراديت واري حق کان محروم آهي. ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون جاري آهن. ڀارت مئي ۾ پاڪستان تي کُليل اڳرائي ڪئي، قوم ۽ پاڪ فوج ”آپريشن بنيان المرصوص“ سان ڀارتي اڳرائيءَ جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو. ڀارت جو ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا عالمي سطح تي وائکي ٿي چڪي آهي. پاڪستان پنهنجي دوست ملڪن خاص ڪري ترڪيه، آذربائيجان، چين ۽ سعودي عرب جو ٿورائتو آهي. اياز صادق چيو ته ڀارت جي آبي معاهدي کي روڪڻ جون ڌمڪيون ان جي خطرناڪ عزمن جو مظهر آهن. پاڪستان هميشه امن ۽ـ احترام ۽ خودمختياريءَ جي پاليسي اختيار ڪئي آهي، دهشتگرديءَ جو ڪوبه مذهبي ناهي هوندو. ان کي اجتماعي طور تي ختم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته افغان سرزمين تان دهشتگرد حملن باوجود پاڪستان تحمل جو مظاهرو ڪيو. پاڪ فوج اثرائتي ڪارروائيءَ سان دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو. شهيدن جو رت رائگان نه ويندو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ماحولياتي تبديليءَ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. ٻوڏ جهڙا سانحا عالمي ماحولياتي ناانصافي جو ثبوت آهن. موسمياتي انصاف ۽ عالمي سهڪار وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پارليامينٽ عوامي نمائندگي جو واحد ادارو آهي جيڪو امن ۽ ترقيءَ طرف رهنمائي ڪري ٿو. پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان جي پارليامينٽ گڏيل ناتن جي استحڪام جي خواهشمند آهي. ٽه ڌُري پارلياماني سهڪار علائقائي امن، ترقي ۽ خوشحاليءَ جو ضامن هوندو. هن چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ علائقائي سلامتيءَ تي پارلياماني گول ميز ڪانفرنس وقت جي اهم ضرورت آهي. اسان جون گڏيل ڪوششون علائقائي استحڪام ۽ عوامي خوشحاليءَ جو سبب بڻبيون. هن ترڪيه ۽ آذربائيجان جي اسپيڪرز جو ٽه ڌُري اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت تي ٿورو مڃيو. هن چيو ته ٽنهي ملڪن جي دوستي اعتماد، محبت ۽ اخوت تي ٻَڌل آهي. ان موقعي تي آذربائيجان جي اسپيڪر صاحبه غفاروا افتتاحي اجلاس کي خطاب ۾ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي ٽئين ٽه ڌُري اسپيڪرز اجلاس جي ڪامياب منعقد ڪرڻ تي مبارڪ ڏني ۽ چيو ته هي اجلاس آذربائيجان جي پارليامينٽ جي قدمن تي 2021ع ۾ باڪو ۾ قائم ٿيل مڪينزم جو تسلسل آهي. ٽيون اجلاس پارلياماني سهڪار، امن ۽ سلامتيءَ جي مضبوط ڍانچي جي جوڙجڪ جو مظهر آهن. 2021ع کان 2025ع تائين ٽنهي ملڪن جي پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سٺو سنوڻ آهي. هن چيو ته آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي تجويز تي غير جانبدار تحريڪ جي پارلياماني نيٽ ورڪ جو قيام تاريخي اڳڀرائي آهي. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن طرفان غير جانبدار پارلياماني نيٽ ورڪ لاءِ سهڪار تعريف جوڳو آهي. ٽنهي ملڪن جو پارلياماني سهڪار اسان جي گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ اخلاقي قدرن جو فطري تسلسل آهي. پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان هميشه هڪٻئي جو ساٿ ڏنو ۽ غير ملڪي اڳرائيءَ خلاف ڄميا رهيا. هن چيو ته آذربائيجان 44 ڏينهن جنگ ۾ پاڪستان جي پُختي حمايت تي هميشه ٿورائتو رهندو، آذربائيجان پاڪ- ڀارت جنگ دوران به پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو، آذربائيجان ۽ ترڪيه ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي اصولي مؤقف جي ڀرپور تائيد ڪن ٿا. سندس چوڻ هو ته خطي ۾ پائيدار امن، سلامتي ۽ اقتصادي ترقيءَ لاءِ پارلياماني سهڪار اڻٽر آهي. غزه معاهدي تي عملدرآمد خطي ۾ ڊگهي امن ۽ فلسطين جي خودمختياريءَ لاءِ ضروري آهي. اسائيلي اڳرائي جي سخت مذمت ڪندي هن چيو ته فلسطينين خلاف ظلم فوري طور بند ڪيا وڃن. آذربائيجان 30 سالن جي آرميني قبضي کانپوءِ پنهنجي سرمين تي مڪمل خودمختياري حاصل ڪئي. واشنگٽن ۾ امن معاهدو منعقد ٿيڻ صدر الهام عليوف جي ڪامياب سفارتڪاريءَ جو نتيجو آهي. سندس چوڻ هو ته زنگيزور راهداري يوريشيا ۾ اهم واپاري ۽ سفري راهه بڻجڻ وڃي رهي آهي. ٽنهي ملڪن جا وزيراعظم، پرڏيهي وزيرن جون ٽه ڌُريون ملاقاتون خطي ۾ استحڪام جون ضامن آهن. ترڪيه جي اسپيڪر نعمرن ڪرتلموش چيو ته ٽه ڌُري اسپيڪرز اجلاس ۾ شرڪت مون لاءِ فخر جوڳي آهي. هن اسپيڪر سردار اياز صادق طرفان اجلاس ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏيڻ تي ٿورو مڃيو ۽ چيو ته اجلاس جا موضوع خطي جي امن، سلامتي ۽ ترقيءَ لاءِ نهايت اهم آهن. ٽنهي ملڪن جي پارليامانن وچ ۾ وفدن جي مٽاسٽا ۽ مستقل اجلاس وقت جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان ٽي رياستون پر هڪ قوم آهن. پاڪستان ۾ 2022ع ۽ 2025ع جي ٻوڏن ۾ انساني زندگين ۽ معاشي نقصان تي دلي تعزيت ڪريون ٿا. هن چيو ته دهشتگرديءَ خلاف ڪنهن به ٺاهه جي گنجائش ناهي. گڏيل دفاعي ۽ فوجي سهڪار وقت جي ضرورت آهي. ٽيئي ڀائر ملڪ درپيش پرڏيهي اڳرائي جي مذمت ڪن ٿا. هن چيو ته ترڪيه پنهنجي سرحدن جي اندر ۽ ٻاهر دهشتگرديءَ خلاف بي مثال جدوجهد ڪئي آهي. ٽنهي پارليامانن عالمي ۽ علائقائي فورمز تي اسرائيلي اڳرائي ۽ دهشتگرديءَ خلاف اثرائتو آواز اُٿاريو. موسمياتي تبديليءَ خلاف گڏيل قدم اڻٽر آهن، ڪوبه اڪيلو ملڪ ان چئلينج کي مُنهن نٿو ڏئي سگهي. گڏيل قومن جي نئين سرجوڙجڪ ڪرڻي پوندي ته جيئن ڪشمير، فلسطين ۽ دهشتگرديءَ جهڙا مسئلا اثرائتي انداز ۾ حل ٿين. هن چيو ته ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ آبي اڳرائي عالمي قانونن جي پائمالي آهي، افغانستان جي سرزمين جو پاڪستان خلاف استعمال عالمي برادريءَ لاءِ فڪر جو لمحو آهي. آذربائيجان جي ايراني سلامتي کي حاصل ڪرڻ ۽ علائقائي واپار کي هٿي وٺرائڻ تي ترڪيه جي اسپيڪر خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته علائقائي ۽ عالمي امن سماجي ۽ـ اقتصادي ترقيءَ لاءِ بنيادي شرط آهي. ٽنهي ملڪن فلسطين جي حق ۾ اثرائتو آواز اُٿاري 11 ملڪن کي فلسطين کي خودمختيار رياست تسليم ڪرڻ تي راضي ڪيو. عالمي برادري نيتن ياهو ۽ صهيوني حڪومت کي انساني خلاف ڏوهن تي عالمي عدالت ۾ آڻڻ، صمود فلوٽيلا جي غير قانوني حراست ۾ ترڪ پارليامينٽ جي ميمبرن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪريون ٿا. ايندڙ سال استنبول ۾ ٽه ڌُري پارلياماني گروپ جو اجلاس فلسطين مسئلي جي حل لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. اجلاس ۾ پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان جي پارلياماني وفدن پڻ شرڪت ڪئي.











