پاڪستان، ترڪيه، آذربائيجان جي دوستي سدابهار آهي، سيڪيورٽي، واپار، تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت جي ميدانن ۾ سهڪار سان انقره کان اسلام آباد ۽ باڪو تائين اعتماد، احترام، ڀائيواري جي پُل تعمير ڪري سگهون ٿا: سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان جي دوستي سدابهار آهي، سيڪيورٽي، واپار، تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت جي ميدانن ۾ سهڪار سان انقره کان اسلام آباد ۽ باڪو تائين اعتماد، احترام، ڀائيواري جي مضبوط پُل تعمير ڪري سگهون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽين ٽه ڌري اسپيڪرز اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ …

اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان جي دوستي سدابهار آهي، سيڪيورٽي، واپار، تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت جي ميدانن ۾ سهڪار سان انقره کان اسلام آباد ۽ باڪو تائين اعتماد، احترام، ڀائيواري جي مضبوط پُل تعمير ڪري سگهون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽين ٽه ڌري اسپيڪرز اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين ان ڪانفرنس کي منعقد ڪرڻ تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر هن اهم وقت ۾ ڀائر ملڪن کي هڪ پليٽ فارم تي جمع ڪيو آهي، سينيٽ چيئرمين اجلاس جي موضوع کي نهايت اهم قرار ڏيندي چيو ته پارليامينٽيرين طور هي موضوع سندس دل جي ويجهو آهي. هن چيو ته آذربائيجان، پاڪستان ۽ ترڪيه گڏيل قدرن، اتحاد جي مضبوط رشتي ۾ ڳنڍيل آهن. هن چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم طور ترڪيه ۽ آذربائيجان جي اڳواڻن سان ملاقاتن جو موقعو مليو. ترڪيه هڪ اهڙو ملڪ آهي جيڪو پنهنجي ماضي تي فخر ڪري ٿو ۽ پنهنجي مستقبل تي يقين رکي ٿو، آذربائيجان مشڪلاتن کانپوءِ پنهنجي سرزمين کي ترقي ۽ تعمير جي علامت بنايو. هن چيو ته پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان جي دوستي سدابهار آهي، وقتي ضرورت ناهي پر هڪ عقيدي تي ٻڌل اخوت آهي جيڪو جنگين، پابندين ۽ عالمي تبديلين باوجود اسان جي دوستي ۽ ڀائيچاري جو رشتو قائم آهي، ٽنهي ملڪن هميشه هڪ ٻئي جي وقار ۽ خودمختياري جي احترام کي مٿانهون رکيو آهي، ٽنهي ملڪن ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو، هڪ ٻئي جي موقف جي تائيد ڪئي آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته مسلم دنيا هن وقت فلسطين، ڪشمير ۽ ٻين خطن ۾ نا انصافي ۽ ظلم جي امتحان مان گذري رهي آهي، انهن حالتن ۾ پارليامان ئي بصيرت ۽ جرئت جو مرڪز بنجڻو پوندو، هي ٽه ڌري فورم صرف هڪ سفارتي سرگرمي ناهي پر اسان جي گڏيل قدرن جو عملي مظاهرو آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته سيڪيورٽي، واپار، تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت جي ميدانن ۾ سهڪار سان انقره کان اسلام آباد ۽ باڪو تائين اعتماد، احترام، ڀائيواري جي مضبوط پُل تعمير ڪري سگهون ٿا. نومبر ۾ اسلام آباد ۾ بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي منعقد ٿيڻ جي تياري کي نظر ۾ رکندي هي اجلاس پارلياماني سفارتڪاري جي هڪ نئين باب جي شروعات آهي. امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اسان جو عزم عالمي غير يقيني حالتن باوجود مضبوط آهي. امن ۽ خوشحالي منزل ناهي پر هڪ سفر آهي، ان سفر ۾ اسان سڀ گڏ آهيون. هن عزم ظاهر ڪيو ته پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائيندا. هن اميد ظاهر ڪئي ته هن اهم اجلاس جي ڪري عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ ٺوس تجويزون سامهون اينديون.

مزید خبریں