اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته جعلي دوائن جي روڪٿام لاءِ بار ڪوڊ جي نظام تي عملدرآمد کي تيز ڪيو وڃي. اهو نظام عوام کي معياري، محفوظ ۽ اصل دوائن جي فراهمي يقيني بڻائيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بارڪوڊ ۽ سيريلائزيشن جي نظام تي اڳڀرائي لاءِ جائزه اجلاس ۾ ڪيو. هن چيو ته جعلي دوائن جي روڪٿام …
جعلي دوائن جي روڪٿام لاءِ بار ڪوڊ جي نظام تي عملدرآمد کي تيز ڪيو وڃي: قومي صحت وارو وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته جعلي دوائن جي روڪٿام لاءِ بار ڪوڊ جي نظام تي عملدرآمد کي تيز ڪيو وڃي. اهو نظام عوام کي معياري، محفوظ ۽ اصل دوائن جي فراهمي يقيني بڻائيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بارڪوڊ ۽ سيريلائزيشن جي نظام تي اڳڀرائي لاءِ جائزه اجلاس ۾ ڪيو. هن چيو ته جعلي دوائن جي روڪٿام لاءِ اهو نظام اهم ڪردار ادا ڪندو. اسان جو هدف منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ آهي. هن چيو ته ان قدم سان روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمي منڊي ۾ پاڪستان جي ساک مضبوط هوندي، جعلي دوائن جو خاتمو اڻٽر ٿي چڪو آهي. هن چيو ته حڪومت فارماسيوٽيڪل سيڪٽر کي جديد رخن تي استوار ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن هدايت ڪئي ته عملدرآمد جي سمورن مرحلن جي هفتيوار رپورٽ مون ڏانهن موڪلي وڃي. ڊريپجي چيف ايگزيڪٽو آفيسر، وفاقي وزير کي ڊي- 2 بارڪوڊ ۽ سيريلائزيشن جي لاڳو ٿيڻ بابت بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ صحت کاتي جو وفاقي سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪرٽري ۽ ڊريپ جي چيف ايگزيڪٽيو آفيسر به شرڪت ڪئي.











