ڇاتيءَ جي ڪينسر جي دير سان سڃاڻپ عورتن جي زندگي جي ضايع ٿيڻ جو سڀ کان وڏو سبب آهي: سينيٽر شيري رحمان

اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي دير سان سڃاڻپ عورتن جي زندگي جي ضايع ٿيڻ جو سڀ کان وڏو سبب آهي، جلد سڃاڻپ وارن ملڪن ۾ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتون صحتياب ٿي وينديون آهن. پ پ پ ميڊيا سيل مان جاري بيان مطابق ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جي حوالي سان پنهنجي …

اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي دير سان سڃاڻپ عورتن جي زندگي جي ضايع ٿيڻ جو سڀ کان وڏو سبب آهي، جلد سڃاڻپ وارن ملڪن ۾ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتون صحتياب ٿي وينديون آهن. پ پ پ ميڊيا سيل مان جاري بيان مطابق ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ شيري رحمان چيو ته ڇاتيءَ جو ڪينسر پاڪستاني عورتن ۾ عام مرض بڻجي چڪو آهي، هر 9 مان هڪ پاڪستاني عورت کي زندگي ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جو خطرو آهي، پاڪستان ۾ روزانو 100 کان وڌيڪ عورتون ڇاتيءَ جي ڪينسر سبب فوت ٿين ٿيون. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت شعور ڪافي ناهي، عملي قدم اڻٽر آهن، علامتي قدمن کان اڳتي وڌي حقيقي طبي سهولتون ڏيڻيون پونديون. جلد سڃاڻپ وارن ملڪن ۾ 90 سيڪڙو عورتون صحتياب ٿي وڃن ٿيون، اسان به بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهون ٿا جيڪڏهن اسڪريننگ ۽ علاج جون سهولتون عام هجن. هن چيو ته ”پنڪ ربن“ کان اڳتي وڌي قومي سطح تي گڏيل قدمن جي ضرورت آهي، اهي صرف انگ اکر ناهن پر ان مرض سان حقيقت ۾ انساني زندگيون ۽ خاندان متاثر ٿي رهيا آهن، ڇاتيءَ جي ڪينسر خلاف جنگ ۾ سڀني کي گڏجي عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

مزید خبریں