اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته معرڪه حق ۾ شڪست کانپوءِ ڀارت جون سموريون ڪوششون آهن ته هو پنهنجي سهولتڪارن ذريعي پاڪستان ۾ اندروني انتشار پيدا ڪري، ان سازش ۾ فتنه الخوارج جو ڪردار به واضح ۽ خطرناڪ آهي، هن وقت ملڪ کي امن، استحڪام ۽ معاشي بحالي جي ضرورت آهي، امن کي نقصان پهچائيندڙ عنصر نا قابل قبول آهن. ”ايڪس“ …
معرڪه حق ۾ شڪست کانپوءِ ڀارت سهولتڪارن ذريعي پاڪستان ۾ انتشار پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيو آهي، امن کي نقصان پهچائيندڙ عنصر قبولڻ جوڳا ناهن: احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته معرڪه حق ۾ شڪست کانپوءِ ڀارت جون سموريون ڪوششون آهن ته هو پنهنجي سهولتڪارن ذريعي پاڪستان ۾ اندروني انتشار پيدا ڪري، ان سازش ۾ فتنه الخوارج جو ڪردار به واضح ۽ خطرناڪ آهي، هن وقت ملڪ کي امن، استحڪام ۽ معاشي بحالي جي ضرورت آهي، امن کي نقصان پهچائيندڙ عنصر نا قابل قبول آهن. ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته غزه ۾ مڪمل جنگ بندي ۽ امن کانپوءِ جڏهن فلسطيني خوشي ملهائي رهيا آهن ۽ انهن جي عسڪري تنظيم به امن معاهدو ڪيو آهي، اهڙي وقت ۾ ڪنهن مذهبي گروهه طرفان 2 سالن تائين خاموش رهندڙ ماڻهن کي جذباتي نعرا لڳائي اڪسائڻ ۽ اسلام آباد مارچ جهڙيون ڪالز ڏيڻ واضح طور تي انتشار ڦهلائڻ جي سازش آهي، اهي حرڪتون آخرڪار پرڏيهي ۽ اندروني دشمنن جي سهولتڪاري جي برابر آهن. احسن اقبال زور ڀريو ته اڄ پاڪستان کي امن، استحڪام ۽ معاشي بحالي جي سخت ضرورت آهي، جيڪي به عنصر پاڪستان جي امن ۽ استحڪام سان کيڏن ٿا اهي اصل ۾ قومي مفاد خلاف ڪم ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو. وفاقي وزير عوام کي اپيل ڪئي ته هو انتشار ڦهلائيندڙ ڪنهن به سرگرمي ۾ حصو نه وٺن ۽ رياستي ادارن سان سهڪار ڪن ته جيئن ملڪ جو امن ۽ استحڪام برقرار رکي سگهجي.











