اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي اين ڊي ايم اي، فلسطين لاءِ وڌيڪ امدادي سامان روانو ڪري ڇڏيو. 100 ٽن سامان تي ٻڌل مجموعي طور تي 24هين امدادي کيپ الخدمت فائونڊيشن جي سهڪار سان موڪلي وئي. اين ڊي ايم اي مان جاري بيان مطابق امدادي سامان خاص اڏام ذريعي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان روانو ڪيو ويو. روانو ڪيل امدادي سامان ۾ …
اين ڊي ايم اي، الخدمت فائونڊيشن جي سهڪار سان فلسطين لاءِ وڌيڪ امدادي سامان روانو ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي اين ڊي ايم اي، فلسطين لاءِ وڌيڪ امدادي سامان روانو ڪري ڇڏيو. 100 ٽن سامان تي ٻڌل مجموعي طور تي 24هين امدادي کيپ الخدمت فائونڊيشن جي سهڪار سان موڪلي وئي. اين ڊي ايم اي مان جاري بيان مطابق امدادي سامان خاص اڏام ذريعي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان روانو ڪيو ويو. روانو ڪيل امدادي سامان ۾ راشن بيگز، جن ۾ اٽو، چانور، ڪوڪنگ آئل، چڻا، پچيل کاڌو ۽ فروٽ شامل آهن. هن وقت تائين 24 امدادي کيپن ذريعي موڪليل امداد جو مجموعي وزن 2327 ٽن آهي. تقريب ۾ اين ڊي ايم اي ۽ پرڏيهي وزارت جي آفيسرن سميت حڪومتي اهلڪار ۽ الخدمت فائونڊيشن جا نمائندا به موجوه هئا. پاڪستان حڪومت ۽ عوام هن مشڪل وقت ۾ فلسطين جي عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي.











