اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 36 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 36 هزار 600 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 9 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 9 هزار 300 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 17 هزار 700 …
ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي صوتحال

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 36 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 36 هزار 600 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 9 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 9 هزار 300 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 17 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 17 هزار 700 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 10 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 10 هزار 800 ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 23 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 13 هزار 700 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 8 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک هڪ هزار ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 91 هزار 600 ۽ هيٺانهون وهڪرو 49 هزار 200 ڪيوسڪ، ڪوٽري بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 60 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 36 هزار 400 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1550.00 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.728 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1242.00 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 7.277 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 647.60 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.240 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.











