شرم الشيخ - 13 - آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ جنگبندي جي لاءِ شرم الشيخ امن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ڪانگريس سينٽر پهچي ويو. مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي ڪانگريس سينٽر پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو شاندار استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو ۽ مبارڪباد وارن پيغامن جي مٽاسٽا ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر …
وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ جنگبندي جي لاءِ شرم الشيخ امن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ڪانگريس سينٽر پهچي ويو
شرم الشيخ – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ جنگبندي جي لاءِ شرم الشيخ امن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ڪانگريس سينٽر پهچي ويو. مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي ڪانگريس سينٽر پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو شاندار استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو ۽ مبارڪباد وارن پيغامن جي مٽاسٽا ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ مصري صدر عبدالفتاح السيسي جي خصوصي دعوت تي شرم الشيخ پهتو ته ايئرپورٽ تي مصري يوٿ ۽ اسپورٽس واري وزير ڊاڪٽر اشرف صبيحي، مصر ۾ پاڪستان جي سفير عامر شوڪت ۽ پاڪستان ۽ مصري اعليٰ سفارتي عملي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، مصري صدر عبدالفتاح السيسي، قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي وچ ۾ غزه امن معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ خصوصي شرڪت ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ وزيراعظم سان گڏ وفد ۾ شامل آهن.








