پاڪ آرمي جي ٽيم برطانيا ۾ منعقد ڪيمبرين پيٽرول مشق 2025ع ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪري ورتو

اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ آرمي جي ٽيم برطانيا ۾ منعقد ڪيمبرين پيٽرول مشق 2025ع ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو آهي. پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري بيان مطابق پاڪستان آرمي جي ٽيم 03 کان 13 آڪٽوبر 2025ع تائين ويلز برطانيا ۾ منعقد ٿيل ايڪسزسائز ڪيمبرين پيٽرول 2025ع ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. اها ايڪسر سائز ڪيمبرين پيٽرول 66 سالن کان منعقد ڪئي …

اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ آرمي جي ٽيم برطانيا ۾ منعقد ڪيمبرين پيٽرول مشق 2025ع ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو آهي. پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري بيان مطابق پاڪستان آرمي جي ٽيم 03 کان 13 آڪٽوبر 2025ع تائين ويلز برطانيا ۾ منعقد ٿيل ايڪسزسائز ڪيمبرين پيٽرول 2025ع ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. اها ايڪسر سائز ڪيمبرين پيٽرول 66 سالن کان منعقد ڪئي پئي وڃي، مشق ۾ پيشيوراڻي معيار کي برقرار رکيو ويو. سڄي دنيا مان مشق ۾ شرڪت ڪندڙن کي ناهموار علائقي ۾ حڪمت عملي سان اڳتي وڌڻو پيو، 48 ڪلاڪن دوران 60 ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪندي انهن ماهراڻي انداز ۾ پنهنجو هدف حاصل ڪيو. هلندڙ سال مشق ۾ 36 ملڪن جي 137 ٽيمن حصو ورتو ۽ انهن سمورين ٽيمن مان ڪيپٽن محمد سعد جي قيادت ۾ پاڪ فوج جي ٽيم مشق ۾ غير معمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته اهو واقعي سڄي قوم ۽ پاڪ فوج لاءِ فخر جو لمحو آهي جيڪا پنهنجي پيشيوراڻي مهارت ۽ تربيت جي اعليٰ ترين معيار لاءِ سڃاتي وڃي ٿي. پاڪ فوج هميشا ملڪ جو جهنڊو بلند رکيو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ ٻه اهي ڪوششون جاري رکندي.

مزید خبریں