پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڇڪتاڻ، ڀارتي گودي ميڊيا پنهنجن ناپاڪ عزمن لاءِ فيڪ ۽ اي آءِ ذريعي جعلي ويڊيوز ٺاهڻ ۾ مصروف

اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران ڀارت جو ناڪاري پروپيگنڊا بي نقاب ٿي ويو، ڀارت جو گودي ميڊيا پاڪ افغان ڇڪتاڻ ۾ ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا ذريعي هڪ ڀيرو ٻيهر متحرڪ آهي. تفصيل مطابق ڀارت جو گودي ميڊيا پنهنجن ناپاڪ عزمن لاءِ فيڪ ۽ اي آءِ ذريعي جعلي ويڊيوز ٺاهڻ ۾ مصروف آهي، گودي ميڊيا اتر وزيرستان جي شهري عادل داوڙ کي شهيد …

اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران ڀارت جو ناڪاري پروپيگنڊا بي نقاب ٿي ويو، ڀارت جو گودي ميڊيا پاڪ افغان ڇڪتاڻ ۾ ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا ذريعي هڪ ڀيرو ٻيهر متحرڪ آهي. تفصيل مطابق ڀارت جو گودي ميڊيا پنهنجن ناپاڪ عزمن لاءِ فيڪ ۽ اي آءِ ذريعي جعلي ويڊيوز ٺاهڻ ۾ مصروف آهي، گودي ميڊيا اتر وزيرستان جي شهري عادل داوڙ کي شهيد قرار ڏئي ڇڏيو. شهري عادل داوڙ ويڊيو پيغام ۾ پاڻ سمورن ڪوڙن دعواعن کي رد ڪندي چيو آهي ته منهنجو نالو عادل داوڙ آهي ۽ آئون اتر وزيرستان ۾ سياسي ۽ سماجي ورڪر آهيان، هندوستاني ميڊيا منهنجي آرٽيفيشل انٽيلي جنس سان ٺهيل تصوير هلائي آهي. هن جو چوڻ هو ته اي آءِ ذريعي مونکي وردي پارائي چيو ويو آهي ته آئون هڪ ميجر آهيان ، هندوستاني ميڊيا منهنجي جعلي تصوير هلائي چيو آهي ته هي پاڪ افغان سرحد تي شهيد ٿيو آهي، آئون اتر وزيرستان جو هڪ شهري آهيان، ڀارت جو پاڪستان خلاف فيڪ پروپيگنڊا ڪرڻ صحافت ۽ صحافتي قصولن جي توهين آهي. گودي ميڊيا ڪوڙين خبرن ۽ منظم پروپيگنڊا لاءِ حقيقت کي رد ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي.

مزید خبریں