اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس، جسٽس (ر) محمد جنيد غفار کي ڪامپٽيشن اپيلٽ ٽريبيونل جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ڪامپٽيشن اپيلٽ ٽريبيونل هڪ قانوني ادارو آهي جيڪو ڪامپٽيشن ڪميشن آف پاڪستان جي فيصلن خلاف داخل اپيلن جي ٻڌڻي ڪندو آهي. واضح رهي ته ڪامپٽيشن اپيلٽ ٽريبيونل جو چيئرمين جسٽس (ر) سجاد علي شاهه 13 آگسٽ 2025ع تي 68 …
جسٽس جنيد غفار ڪامپٽيشن اپيلٽ ٽربيونل جو چيئرمين مقرر

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس، جسٽس (ر) محمد جنيد غفار کي ڪامپٽيشن اپيلٽ ٽريبيونل جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ڪامپٽيشن اپيلٽ ٽريبيونل هڪ قانوني ادارو آهي جيڪو ڪامپٽيشن ڪميشن آف پاڪستان جي فيصلن خلاف داخل اپيلن جي ٻڌڻي ڪندو آهي. واضح رهي ته ڪامپٽيشن اپيلٽ ٽريبيونل جو چيئرمين جسٽس (ر) سجاد علي شاهه 13 آگسٽ 2025ع تي 68 سالن جي عمر مڪمل ٿيڻ تي ريٽائر ٿي ويو هو. جسٽس سجاد علي شاهه کي 26 فيبروري 2025ع تي ٽريبيونل جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو هو. پنهنجي مختصر پر فعال مقرري دوران هن ٽربيونل ۾ التوا هيٺ ڪيسن مان اٽڪل 50 سيڪڙو ڪيسن جا فيصلا ڪيا ۽ بيڪ لاڪ ۾ واضح گهٽتائي ڪئي. جسٽس جنيد غفار هڪ تجربي ڪار جج آهي جنهن کي آئيني ۽ واپاري قانونن تي عبور حاصل آهي، هو 2013ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو، 2015ع ۾ مستقل جج بڻيو ۽ بعد ۾ 14 فيبروري 2025ع تي وقتي چيف جسٽس جڏهن ته 8 جولاءِ 2025ع تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو مستقل چيف جسٽس مقرر ٿيو. هن 13 سيپٽمبر 2025ع تي چيف جسٽس جي عهدي تان ريٽائرمينٽ ورتي. سندس عدالتي خدمتن دوران هن آئيني، واپاري ۽ سول ڪيسن ۾ اهم فيصلا ڏنا. ڪامپٽيشن اپيلٽ ٽريبيونل، ڪمپٽيشن ايڪٽ تحت قائم هڪ عدالت آهي جتي ڪامپٽيشن ڪميشن جي فيصلن، ڏنڍن ۽ حڪمن خلاف اپيلون ٻڌيون وينديون آهن. ٽريبيونل جي ٻين ٻن ميمبرن ۾ فيض الاهي ميمڻ ۽ عاصم اڪرم شامل آهن جن کي فيبروري 2025ع ۾ مقرر ڪيو ويو هو.











