پاڪ افغان سرحد تي افغانستان جي بنا جواز جارحيت خلاف قوم جو پاڪ فوج سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار، افغان طالبان فورسز خلاف نعري بازي

اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ افغان سرحد ٿي افعانستان جي بنا جواز جارحيت خلاف قوم پاڪ فوج سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. تفصيل مطابق خيبر ۾ پاڪ فوج جي حق ۾ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ افغان طالبان فورسز خلاف شديد نعري بازي ڪئي وئي. شهرين چيو ته اسان افغان شهرين سان ڀائيچارو ڪيو ۽ کين محبت ڏني پر اهي ڪڏهن به پاڪستان زنده باد …

اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ افغان سرحد ٿي افعانستان جي بنا جواز جارحيت خلاف قوم پاڪ فوج سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. تفصيل مطابق خيبر ۾ پاڪ فوج جي حق ۾ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ افغان طالبان فورسز خلاف شديد نعري بازي ڪئي وئي. شهرين چيو ته اسان افغان شهرين سان ڀائيچارو ڪيو ۽ کين محبت ڏني پر اهي ڪڏهن به پاڪستان زنده باد نه چوندا. هنن چيو ته اسانجي ملڪ ۾ جيڪا دهشتگردي ٿي رهي آهي ان جو سبب اهي ئي ماڻهو آهن، اهي مودي ۽ ڀارتي حڪومت جي خوشنودي لاءِ اسانجي چوڪين تي حملو ڪري رهيا آهن، افغانستان خوارج ۽ دهشتگردن جو مرڪز آهي، اهي پنهنجن مسلمان ڀائرن سان دهشتگردي وارو رويو رکن ٿا. شهرين چيو ته اڄ افغان پوسٽن تي پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪي رهيو آهي، اسان پاڪ فوج سان هر محاذ تي بيٺل رهنداسين. هنن چيو ته اسان پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهيون ۽ جيڪڏهن جنگ ٿيندي ته ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وڙهنداسين.

مزید خبریں